حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته پيٽرول جون قيمتون گھٽ ٿيڻ باوجود گاڏين جا ڪرايا گھٽ ناھن ٿيا، فوري طور تي مسافر ۽ گڊس ٽرانسپورٽ جا ڪرايا گھٽايا وڃن، حڪومت ان تي سختي سان عمل ڪرائي، جڏھن به پيٽروليم جون قيمتون وڌيون آھن ته گاڏين جي ڪراين ۾ ھڪدم واڌ ڪئي وڃي ٿي، جنھن ڪري مارڪيٽ ۾ ھر شئي مھانگي ٿي وڃي ٿي، اياز لطيف پليجي چيو ته پيٽروليم قيمتن ۾ گھٽتائي جو فائدو به عوام کي ٿيڻ گھرجي، سنڌ جي تباهي ۽ بربادي جي ذميوار پيپلز پارٽي ۽ زرداري مافيا آهي، ھنن ڪرپٽ حڪمرانن سندن حڪومتي دور ۾ وحشي نظام سرداري، ڌاڙيل راڄ، خونن، ڌاڙن،اغوائن، ٻوڙائڻ، پنائڻ ۽ خودڪشين کانسواءِ ٻيو ڇا ڏنو، ڊجيٽل آدمشماري ذريعي سنڌين کي پنهنجي تاريخي وطن سنڌ ۾ اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ۾ ڀاڱي ڀائيوار رھيا.