ابوظهبي(م ڊ) گڏيل عرب امارتن هنگامي طبي امداد سامان سان ڀريل جهاز مصر جي شهر العريش موڪلي ڇڏيو آهي جتان کان پوءِ امدادي سامان رفح چيڪ پوسٽ رستي غزه موڪليو ويندو. اماراتي پرڏيهي وزير سلطان الشامسي چيو آهي، ته امارات طبي سامان فلسطيني ڀائرن کي درپيش ڏکين حالتن ۾ مدد واري پاليسي هيٺ موڪليو آهي.
اسرائيلي دعوائن جي حمايت ڪرڻ تي سي اين اين صحافي معافي وٺي ڇڏي
واشنگٽن ( م ڊ ) سي اين اين جي هڪ صحافي اسرائيلي دعوائن جي حمايت ڪرڻ تي معافي وٺي ڇڏي آهي.آمريڪي ٽي وي چينل سي اين اين جي صحافي سارا سنڊر اسرائيلي دعوائن جي بنياد تي چيو هو ته حماس جي ويڙهاڪن ٻارن کي قتل ڪيو آهي، صحافي اسرائيلي دعوائن جي حمايت ڪرڻ تي معافي وٺي ڇڏي آهي. سارا سنڊر چيو آهي ته هاڻي اسرائيلي حڪومت چوي ٿي ته انهن وٽ اسرائيلي ٻارن جي مارجڻ جا ڪي به ثبوت ناهن، سارا سنڊر وڌيڪ چيو ته مون کي ڪالهه سوشل ميڊيا تي ڏنل بيان تي افسوس آهي.
جليل عباس جيلاني جو يو اي اي جي پرڏيهي وزير سان فون تي رابطو
اسلام آباد (م ڊ) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي، ته گڏيل عرب امارتن جي پرڏيهي وزير شيخ عبدالله بن زيد سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ غزا جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گذريل ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه دوران اسان جنگ جي خاتمي ۽ شهرين جي تحفظ جي فوري ضرورت تي ڳالهايو ۽ هڪ مربوط رد عمل تي زور ڀريو
عورت پوليس اهلڪار جي اسرائيل جي حق ۾ وڊيو، آءِ جي سنڌ جو نوٽيس
ڪراچي ( م ڊ ) سنڌ پوليس جي عورت اهلڪار پوليس وردي ۾ اسرائيل جي حق ۾ ٽڪ ٽاڪ تي وڊيو ٺاهي جاري ڪري ڇڏي، آءِ جي سنڌ جي نوٽيس کانپوءِ عورت اهلڪار وڊيو ڊليٽ ڪري ڇڏي آهي. معاملي جي جاچ ڊي آءِ جي اسپيشل برانچ آصف اعجاز شيخ حوالي ڪئي وئي آهي. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي آصف اعجاز شيخ جو چوڻ هو ته عورت اهلڪار سنبل غوري سي پيڪ سيڪيورٽي لاءِ قائم ڪيل سنڌ پوليس جي اسپيشل پروٽيڪشن يونٽ ۾ ڪم ڪري رهي آهي ۽ سندس تعلق ميرپورخاص سان آهي. عورت پوليس اهڪار پاران وڊيو اپلوڊ ڪرڻ جي ترديد ڪئي وئي آهي، عورت اهلڪار جو چوڻ آهي ته هن پاڻ وڊيو اپلوڊ ناهي ڪئي پر ڪنهن ٻي ڪئي آهي.