حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو ته ھي دور پٿر جو ناھي۔ ھي دور علم جو آھي، عقل جو آھي، سائنس جو آھي، ترقي پسند ۽ روشن خيالي جو آھي، اسان کي اڳتي وڌڻو آھي ته حقيقي برابري، رواداري، قانون ۽ انصاف جي حڪمراني قائم ڪرڻي پوندي، حقيقي جمھوريت کي اڳتي آڻڻو پوندو مخصوص طبقي جي مفادن لاءِ مٿين طبقي کي مينيج ڪرڻ بند ڪرڻو پوندو، جمھوريت جي مضبوطي لاءِ حقيقي قدم کڻڻا پوندا. اياز لطيف پليجي چيو ته مٿين طبقي ۽ ذاتي مفادن لاءِ حڪومتن ۾ ايندڙ نمائندن وٽ ملڪ ۽ غريب عوام لاءِ ڪو به پروگرام ناھي، بار بار حڪومتن ۾ ايندڙ پارٽيون نمائشي طور عوام جون ڳالھيون ڪن ٿيون، سنڌ ۾ فصل سٺا لھن ٿا ته ھٿ وٺي انھن جا اگھه ڪيرايا وڃن ٿا، آبادگارن ۽ ھارين کي فائدو ڏيڻ بدران ٺيڪيدار مافيا کي نوازيو وڃي ٿو، اياز لطيف پليجي چيو ته پيپلز پارٽي جي غلط پاليسين جي ڪري سنڌ ۾ بي پناھ غربت وڌي، ھڪ طرف سنڌ قدرتي وسيلن سان مالا مال آھي، تيل، گئس، ڪوئلو ۽ ٻي معدنيات آھي، ٻئي طرف زراعت، سمنڊ ۽ بندرگاھ آھن، اھڙن وسيلن وارا ملڪ ترقي يافتہ ۽ خوشحال آھن پر سنڌ ۾ عوام بدحال ۽ حڪمران خوشحال آھن.