خيرپور /ٻٻرلوءِ(رپورٽ : شاهد نواز سيال +مختيار ڦلپوٽو + سعيد جتوئي) خيرپور ڀرسان ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي سکر کان ٺري ميرواهه ويندڙ مسافر وين ۽ ڪار خيرپور طرف اچي رهيو هيون ته قومي شاهراه تي ٻٻرلوءِموڙ ۾ مسافر وين اورٽيڪ ڪئي ته وڃي ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي 4 ڄڻا فوت ٿي ويا ، فوتين ۾ ڊرائيور عبدالمجيد شيخ ويٺل مل ڪالوني خيرپور ، الله بخش شر ويٺل ڳڙهي رنگل شاھ ،رضا محمد دستي ويٺل ٺري ميرواهه موقعي تي فوت ٿي ويا. جڏهن ته محمد علي عباسي ويٺل مير علي بازار خيرپور کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال خير پهچايو ويو جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو . واقعي جي 5 زخمين کي سول اسپتال خيرپور پهچايو ويو آھي جن ۾ عورت لشمي، پرويز شيخ، ابراھيم ، سيف الله ڪلھوڙو، ارسلان ميمڻ شامل آھن. جڏهن ڪار ۾ سوار 6 مسافر معمولي زخمي هيا جن کي موٽر وي پوليس مقامي اسپتال مان فرسٽ ايڊڏيارڻ بعد پنهنجي ماڳن ڏانهن روانو ڪري ڇڏيو . پنج زخمين کي سول اسپتال ۾ علاج جو سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن . ٻڌايو پيو وڃي ته ڪجهه زخمين کي سکر جي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي جن بابت وڌيڪ تفصيل معلوم ٿي نه سگهيا هئا . واقعي جي اطلاع ملندي ئي ڊپٽي ڪمشنر خيرپور سيد احمد فواد شاه سول اسپتال خيرپور ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري سول اسپتال خيرپور جي ايم ايس ڊاڪٽر عبدالقار ڀٽو سان گڏجي زخمي جي عيادت ڪئي۽ زخمين کي فراهم ٿيندڙ صحت جي سهولتن جو جائزو ورتو .