انساني سرمايي ۾ اسان ڪٿي بيٺل آهيون

تحرير: محمد احسان لغاري

بک، بيروزگاري، ڀوڳنا، بيماري ۽ غربت ۾ گهڻو تڻو ويڙهيل سنڌ، جنهن کي آفتون اڃان جهيڻو ڪرڻ لاءِ پيون اينديون آهن، ان جي ڊيگهه ۽ ويڪر ۾ لائبررين ڏانهن ڊوڙندڙ نوجوان، پئٽرول پمپ جي بلبن جي روشني ۾ پڙهندڙ ٻارڙا، هر ڳوٺ، هر واهڻ ۽ هر شهر مان تمام سماجي سختين جي باوجود علم ۾ اڳتي نڪري ايندڙ ڇوڪريون، سنڌ ۽ پاڪستان لاءِ اُميد جو روشن دليل آهن! ويساھ آهن ته نيٺ سنڌ بهتر ٿيڻي آهي! گُرگ سياستدانن، ڪروڌيل ڪامورن ۽ بي رحم حڪمرانن وٽ شايد پاڪستان ۽ سنڌ کي ڏيڻ لاءِ ڪجهه نه  ۽ کسڻ لاءِ سڀ ڪجهه آهي. ان ڪري انهن سڀن ڌرين کي نوجوانن لاءِ رستا ڇڏڻا پوندا. هموار ڪرڻا پوندا. پر جيڪڏهن هو اِهو نٿا ڪري سگهن ته گهٽ ۾ گهٽ نوجوانن جي رستي ۾ ڪنڊا نه وڇائين ۽ انهن کي اڳتي وڌڻ ۾ اٽڪاءُ پيدا نه ڪن

اقتصاديات جي حوالي سان پيداوار جا چار عنصر هوندا آهن: زمين، مزدور/انساني ڪوشش، موڙي يا سرمايو. چوٿون انهن کي پاڻ ۾  ملائي ڪنهن ڪم، ڪاروبار، صنعت، واپار يا ڪنهن ٻي ڪرت جي نتيجي ۾ پيداوار ۽ منافعو ڪمائيندڙ انٽريپرينور /ڌنڌي جو بانيڪار/ڪارگذار! پيداوار جي لحاظ کان سرمايي/موڙي کي ’ڪيپيٽل‘ جو نالو ڏنو وڃي ٿو. سرماين جا ٻيا به قسم آهن، جن مان ترقي ۽ اڳتي وڌڻ لاءِ ”انساني سرمايو“ (هيومن ڪئپيٽل) ۽ سماجي سرمايو  (سوشل ڪئپيٽل) تمام گهڻي اهميت رکن ٿا. دنيا جا ترقي يافته ملڪ پنهنجي عوام لاءِ انساني سرمايي ۾ چڱي ڀلي سيڙپ ڪندا آهن. انساني سرمايي ۾ سيڙپ حقيقت ۾ نوجوانن ۾ سيڙپڪاري آهي، جنهن جي نتيجي ۾ نه صرف نوجوان فعال، صحت مند  ۽ بهتر روزگار ڏانهن  وڌي ٿو، پر اُهو ملڪ پڻ ترقيءَ ۽ خوشحاليءَ ڏانهن وڌي ٿو!

انساني سرمايو ”ڄاڻ، علم، صلاحيتن ۽ صحت مند“ هجڻ تي مشتمل آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ماڻهو مقصد واري، پيداواري صلاحيتن سان صحت مند زندگي گذارين ٿا. ماڻهو ۽ حڪومتون ان ڏس ۾ هڪ تسلسل سان سيڙپڪاري ڪنديون رهنديون آهن. جيڪڏهن ڪا حڪومت ”غذايت، بهتر صحت جي سهولتن، معياري تعليم  ۽ هنر، نوڪريون ۽ صلاحيتون وڌائڻ وارا ڪم!“ ڪري ٿي ته ان سان ان جي آباديءَ جو انساني سرمايو وڌي ٿو! جيڪڏهن انهن وکرن کي ڏسجي ته ننڍڙن ٻارڙن کان وٺي نوجوانن تائين ان جا فائدا وڃن ٿا!پاڪستان جي آباديءَ جو 75 سيڪڙو 35 سالن کان گهٽ عمر وارن جو آهي! جيڪي وڃي 18 ڪروڙ ٿين ٿا! ڏسڻ گهرجي ته ايڏي وڏي آبادي لاءِ رياست، مرڪزي  ۽ صوبائي حڪومت ڇا ڪري پئي؟!

2018ع ۾ سنڌ حڪومت نوجوانن جي پاليسي منظور ڪرڻ کانپوءِ ان ڏس ۾ ڪجهه نه ڪيو. ان ڪري سڀ کان اهم ڪم آهي ته نوجوانن جي پاليسي کي’انساني سرمايي‘ واري نظر سان ڏسي، ٻين لاڳاپيل پاليسين، قانونن، پراجيڪٽن ۽ پروگرامن کي هڪ ”سرشتو“ سمجهي، ان تي بحث مباحثا ڪري، نوجوانن کي شامل ڪري هڪ عملي پلان جوڙجي، جنهن جون بجيٽون به هجن، شفافيت به هجي  ۽ ڪاموري ڪوڙڪي ۽ وزيرن جي حصن پتين کان آجو ڪري ان تي عمل ڪيو وڃي.

عالمي بئنڪ طرفان ترقيءَ جي حوالي سان 1978 کان هر سال دنيا لاءِ ”عالمي ترقيءَ جي رپورٽ ــ ورلڊ ڊولپمينٽ رپورٽ“ نڪرندي آهي. 2019ع واري رپورٽ ۾ ڏنل آهي ته ”ڪمن جي تيزيءَ سان تبديل ٿيندڙ نوعيت، مهارتن ۾ نواڻ ۽ گُهرجون ايتريون ته تڪڙيون تبديل ٿي رهيون آهن، جنهن جي نتيجي ۾ نوان در ۽ موقعا به کُلن ٿا ته خطرا به وڌن ٿا!“ ان رپورٽ ۾ لکيو ويو ته ”ان ڳالهه جا چِٽا ثبوت موجود آهن ته جيڪي ملڪ پنهنجي انساني سرمايي کي مضبوط نه ڪندا، اُهي پائيدار، (سڀن تي) مشتمل/شرڪت داري اقتصادي ترقي حاصل ڪري ڪونه سگهندا.“ وڌيڪ اِهو ته مستقبل ۾ گهربل اعليٰ مهارت رکندڙ نوڪرين لاءِ ”افرادي سگهه“ موجود نه هوندي  ۽ عالمي سطح ته ٺهيو، پر پنهنجي خطي ۾ به مقابلي ڪرڻ جهڙا نه رهندا!“ سمجهڻ کپي ته جيڪڏهن انساني سرمايي ۾ چُپ هوندي، يا جيڪي قدم کنيا ويندا، اُهي يا ته ناڪاره هوندا يا وري ڪنهن خاص طبقي کي فائدي ڏيڻ وارا هوندا، ته پوءِ انهن ملڪن کي اقتصادي ناڪامين جي صُورت ۾ وڏي قيمت ادا ڪرڻي پوندي!

جيڪڏهن اسان پنهنجي چوڌاري نظر ڊوڙايون ۽ ڏسون ته پاڪستان ۽ سنڌ ۾ ”انساني سرمايي“ جي ڏس ۾ ڇا ڪيو ويو آهي ته اسان کي مايوسي کان به هڪ ڳرو احساس ٿيندو. سنڌ کان معياري تعليم، صحت، هنر ۽ صلاحيتن وڌائڻ جا موقعا، ڪيئن صرف ”پنهنجا پنهنجا پراجيڪٽ“ سمجهي کسيا ويا آهن! ڏسندي ڏ سندي، سنڌ، خاص ڪري ٻهراڙي واري سنڌ پاڪستان جو سڀ کان پٺتي پيل علائقو ٿي پيو آهي! ان ڪري ايندڙ چونڊن کان اڳ، پنهنجي پنهنجي حلقي ۾ ”انساني سرمايي جي ڪيل حالت“ ۾ هڪ مختصر دستاويز ، انگ اکرن سان، جيڪي حڪومت جا پنهنجا آهن، يا وري عالمي ادارن جا آهن، اهي انگ اکر پئنافليڪس تي، ڪارڊن تي، وڏن بينرن تي، اليڪشن ۾ بيهندڙن وڏين وڏين منڊين وارن سان گڏ ٽنگيو! هي سنڌ جي نوجوانن، اسان جي ٻارن ۽ وجود جي باري ۾ سوال آهي.

هڪ ڳالهه  عام طوروري وري چئي ويندي آهي، ”ڇا ٿو ٿي، ڪو هُو بدلبا ڇا؟ اسان به هاڻ هِري ويا آهيون….“ اِهو صرف وڌيڪ مايوس ڪرڻ جو رستو آهي. مونکي ته لڳي ٿو ته اِهو اقتدار ڌڻين جو هلايل آهي ته جيئن هو ڪنهن به قسم جي مزاحمت کانسواءِ ساڳيو ڪجهه وري وري ڪندا رهن. دنيا جا ويهه پنجويهه سال اڳ پُٺتي پيل ملڪ هاڻ اسان کان گهڻا اڳڀرا ٿي ويا آهن. ڇو؟ ڪيئن؟ انهن وٽ پڻ سياستدانن/حڪمرانن اِهي ئي افواهه ڦهلايا هئا ته ”بهتري آڻي نٿي سگهجي“ پر ماڻهن جي ووٽ، انهن جي تحريڪن، سول سوسائٽي  ۽ سڄاڻ روشن خيال پريشر گروپن جي ڪري تبديلي آئي ۽ حڪمرانن عام ماڻهن لاءِ بهتريون پيدا ڪيون، شفافيت کي عام ڪيو.

2023ع ۾ عالمي بئنڪ انساني سرمايي جي پاڪستان ۾ حالت بابت هڪ پاليسي نوٽ ”پاڪستان جو انساني سرمايو: نازڪ حالتن هوندي (بهتري) جا موقعا“ جي نالي سان شايع ڪيو، جيڪو اسان جون اکيون  ۽ دماغ کولڻ لاءِ اهم معلومات ڏي ٿو. دنيا ۾ اقتصادي ۽ انساني ترقيءَ جا، صحت، سلامتي ۽ ٻين ڪيترن ئي اهم حالتن کي ماپڻ لاءِ طريقا آهن، جيئن هيومن ڊولپمينٽ انڊيڪس وغيره. انڊيڪس تحقيق جي نتيجي ۾ حاصل ڪيل اُهي ڏسڻا انگ هوندا آهن، جيڪي ان ملڪ جي ڀيٽائتي حيثيت کي ظاهر ڪندا آهن.

انساني سرمايي واري ڏسڻي انگ کي انگريزي ۾ هيومن ڪئپيٽل انڊيڪس چئبو آهي. ان انڊيڪس کي ٽن شعبن ۾ جانچبو آهي. هڪ ته پنج سالن جي عمر تائين پيدا ٿيندڙ ٻارن جو تناسب ڇا آهي. ان کي سروائيول يا بچڻ وارو شعبو چئجي. ٻيو وري تعليم جو شعبو آهي، جنهن ۾ ڏسبو آهي ته ڪيترن سالن تائين تعليم حاصل ڪئي وئي آهي. ٽيون شعبو آهي صحت جو، جن ۾ ٻن شين کي ڏٺو ويندو آهي: هڪ ته 15 کان 60 سالن تائين بچڻ جو سيڪڙو ڪيترو آهي ۽ ٻيو ته ڪيترو سيڪڙو ٻارن جو ”اسٽنٽيڊ: يعني پنهنجي عمر جي لحاظ کان قد ۽ جسم ۾ صحيح واڌويجهه نه ٿيڻ“ واري حالت ۾ آهي. پاڪستان جا انگ اکر سڄي ڏکڻ ايشيا جي ملڪن کان گهٽ آهن!  ڏکڻ ايشيا جو گڏيل انگ 0.48 آهي ته پاڪستان جو 0.41 آهي، ذري گهٽ سب صحارا آفريقا جهڙو! جڏهن ته اقتصادي ۽ قدرتي وسيلن جي حساب سان اسان کي ڪيترن ئي ملڪن کان بهتر هجڻ کپندو هو.

جيڪڏهن تجربا ڪندڙ، سياستدان ۽ فيصلا ساز اڃان به سمجهن ٿا ته ”ساڳا لاٽون ۽ ساڳا چگهه“ واري پهاڪي تي عمل ڪبو ته پوءِ پڪ سمجهو ته اسان ’سب صحارا آفريقا‘ کان به پوئتي پئجي وينداسين.

ان رپورٽ ۾ چار اهم نقطا يا نياپا آهن، جيڪي ملڪ هلائيندڙن کي ڏنل آهن. پهريون نياپو آهي ”پاڪستان پنهنجي عوام  ۽ انهن جي انساني سرمايي ۾ سيڙپ ڪاري ڪري اهم ۽ وڏي اقتصادي بهتري ۽ ترقي ڪري سگهي ٿو.“ پر حقيقت اِها آهي ته پوين ٽن ڏهاڪن ۾ ڪجهه ڪونه ڪيو ويو آهي. انساني سرمايي جي حساب سان صوبن جي وچ ۾ فرق، وري صوبي ۾ شهري ۽ ٻهراڙيءَ جي وچ ۾ فرق، غريب  ۽ امير جي وچ ۾ فرق، عورت ۽ مرد جي وچ ۾ فرق وڌيو آهي! پاڪستان، پنهنجي ملڪ جي غريبن جي حساب سان، پاڻ جهڙن ملڪ جهڙو ئي نه رهيو آهي!

ٻيو نياپو: ” انساني سرمايي ۾ سيڙپ ڪاري گهٽ ڪري پاڪستان پنهنجي قابليتن ۽ صلاحيتن جي اُپٽار ڪرڻ کان قاصر رهي ٿو. ان جي نتيجي ۾ جيڪا اهم  ۽ جهجهي ترقي ۽ اقتصادي واڌويجهه ممڪن هئي، ان تان هٿ کڻي  ٿو ويهي“ ان ٻي نياپي ۾ شايد سنڌ کي سڀ کان وڌيڪ سِکڻ جي ضرورت آهي، جتي طرز حڪمراني ۽ ڪمزور رٿابندي پاڻ ۾ ملي، وقتي فائدي واري بدعنواني جي نتيجي ۾ سنڌ جي نوجوانن جي صحت، تعليم ۽ هنر کي تاراج ڪري ڇڏيو! ان نياپي کي وڌائيندي رپورٽ ٻڌائي ٿي ته ”آدمشماري (جن ۾ گهڻائي نوجوانن جي آهي) ۾ سازگار حالتن جي باوجود، پاڪستان هن وقت تعليم، صحت، سماجي بچاءُ ۽ افرادي قُوت ۾ ناقص سيڙپڪاري جي ڪري پنهنجو صحيح لاڀ حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ويو آهي. تعليم  ۾ فقط جي ڊي پي جو 2.5 سيڪڙو، صحت تي 0.9 سيڪڙو، عالمي سراسري سيڙپڪاري کان گهڻو گهٽ آهي. جي ڊي پي جو صرف 0.6 سيڪڙو ”سماجي بچاءُ واري ڪمن  (جيئن بينظير انڪم سپورٽ) ۾ لڳائي ٿو، جيڪو دنيا جي سراسري 1.5 سيڪڙو کان تمام گهٽ آهي!

ٽيون نياپو آهي ته ”جيڪڏهن انساني سرمايي ۾ سيڙپڪاري ايئن ئي ڪئي ويندي ته پوءِ جيئن پاڪستان جو اِهو خواب ته 2047ع تائين ”وچولي سطح واري مٿاهين آمدني وارو ملڪ بڻجڻ“ (پنهنجي وجود جي سئو سالن کانپوءِ) شرمنده تعبير ٿي نه سگهندو!“ ايڏي کليل نياپي کي وڌيڪ چِٽو ڇا ته ڪجي. سڌي سنئين ڳالهه آهي ته صحت، تعليم، هنر جهڙن شعبن ۾، غربت گهٽ ڪرڻ ۽ نوجوانن لاءِ راهون هموار ڪندڙ پراجيڪٽن  ۽ پروگرامن کانسواءِ هڪ مضبوط  ۽ تابناڪ پاڪستان جو تصور، صرف پنهنجو پاڻ کي دوکي ڏيڻ جي برابر آهي.

چوٿون نياپو : ”پنهنجي انساني سرمايي کي وڌائڻ لاءِ، پاڪستان کي آبادي ۾ ٿيندڙ اضافي تي ضابطو آڻي، صحت ۽ تعليم ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي ۽ عورتن لاءِ صحت تعليم سان گڏ افرادي قُوت ۾ شموليت جا موقعا وڌائڻا پوندا.

علم، هنر، صلاحيت، صحت، عورتن جي لاءِ خاص ڪري بهتر تعليم، ڪاروبار  ۽ نوڪرين جا موقعا، انهن جي لاءِ حفاظت ۽ حفاظت جو همه وقتي احساس، اهي چند ڪم آهن، جنهن تي حڪومت ۾ اچڻ وارن کان پڇڻو آهي ته هُو ڇا ڪندا. موجوده ڪامورن ۽ ادارتي سربراهن کان پڇڻو آهي ته هُو ڇا ڪري رهيا آهن! ان مان هر شعبي جا اڻ ڌ ريا سماجي ۽ سياسي طور تي ’ٽاسڪ فورس‘ ٺاهي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان تي اعليٰ تعليمي، تحقيقي ۽ ٻين ادارن کي بحث مباحثا ڪرائڻا آهن. انهن تي اسپيشل ايڊيشن ڪڍڻا آهن. حڪومت ۾ ايندڙن تي دٻاءُ پيدا ڪرڻو آهي ته هن دفعي هنن کي ونڊ وراھ جي جاءِ تي خالص ترقي لاءِ ڪم ڪرڻو آهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.