حماس جو حملو اسرائيل کي ڪارروائي جي دعوت آھي ؟

فلسطين ۽ اسرائيل وچ ۾جنگ دراصل دنيا جي وڏن ملڪن جو ٽڪراءَ آھي ان ڪري دنيا جو ڌيان اڪثر ڇڪائيندي آھي.جنھن ڪري دنيا جا طاقتور  ملڪ سڌي ريت ملوث ٿين ٿا. فلسطين جي زمين تي مني صديءَ اڳ قائم ٿيل يھودي رياست ننڍي ھوندي سموري دنيا تي حڪمراني ڪري ٿي.اولھھ ۽ يورپ جي لڳ ڀڳ سمورن ملڪن ۾ يھودين جا حمائتي موجود آھن.

تازو اٽڪل ٻن ڏينھن کان جاري ھاڻوڪي جنگ جي شروعات فلسطين جي تنظيم حماس اوچتو اسرائيل تي غيرمعمولي حملو ڪري ڪئي آھي.جيڪا اسرائيل جي علائقي ۾ ڏھاڪو کن ڪلوميٽر اندر داخل ٿي وئي.جنھن ۾ ھڪ ئي وقت زميني،فضائي ۽ سامونڊي رستن کان حملا ڪري اسرائيل کي مجنھائي ڇڏيو آھي.اھو سڀ درست آھي پر ھن جنگ بابت ڪجهھ مبصرن جو خيال آھي تھ اھو حملو حماس تنظيم ۾ موجود اسرائيل جي ايجنٽن شروع ڪرايو آھي.جنھن جو مقصد اسرائيل کي جواب ۾ ڪنھن وڏي ڪارروائي ڪرڻ جو جواز فراھم ڪرڻ ھو.

اھوخدشو ان ڪري بھ پيدا ٿي رھيو آھن ڇاڪاڻ جو  حماس جا ويڙھاڪ، اسرائيل پاران غزه کي ڏنل حفاظتي واڙي ٽوڙي داخل ٿيا آھن. حماس جي ويڙهاڪن پاران اسرائيلي فوجين جي گرفتاري ۽ يهودي آبادين مان ماڻھن جي فرار ٿيڻ واري وڊيو مان مسلمان يقينن خوش آهن، پر اولھھ ملڪن مان اسرائيل جي حق ۾ سگھارا ۽ مضبوط آواز اچڻ شروع ٿي ويا آهن، برطانوي وزيراعظم ۽ آمريڪي صدر چيو آهي ته اسرائيل کي دفاع جو حق آهي ۽ هو جوابي ڪارروائي ۾ حق بجانب آهي.حماس هڪ اهڙي وقت ۾ اسرائيل تي حملو ڪيو آهي جڏهن اسرائيل ترڪي، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارتن سان ڪاميابيءَ سان سفارتي لاڳاپا قائم ڪيا آهن.

اسرائيل جو اردن ۽ مصر سان اڳ ۾ ئي دفاعي معاهدو آهي، شام جي سموري فوجي طاقت ختم ڪئي وئي آهي، سعودي عرب سان سفارتي لاڳاپن کانپوءِ اسرائيلي وزيراعظم پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ويجهي مستقبل ۾ فلسطين نالي ڪو به ملڪ نھ ھوندو. مطلب ته غزه جو بندوبست جيڪو عالمي طاقتن ڪيو هو، اسرائيلي وزيراعظم ان جي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيوآھي. حيرت جي ڳالهه ھي آهي ته ٽي ڏينهن اڳ حملي وار علائقي جا  فوجي اسرائيل جي هن مضبوط دفاعي لائين تان واپس هليا ويا ھئا.حماس ويڙهاڪن آساني سان اسرائيل ۾ داخل ٿيا ۽ فتح جا اعلان بھ ڪيا.

خطرو آھي تھ ھاڻي جيڪو ردعمل ٿيندو ۽ ان جي نتيجي ۾ فلسطيني به غزه کان محروم ٿي وڃن.

اسرائيل وٽ دنيا جي بهترين فوج ۽ جديد ترين هٿيار آهن، سمورا عرب ملڪ گڏجي اسرائيل کي شڪست نه ڏئي سگهيا.تڏھن اھو ايترو مضبوط بھ نه هو.  جڏهن اسرائيل اسلامي دنيا جي حمايت حاصل ڪري چڪو آهي ته پوءِ فلسطين جا حمائتي باقي ڪير آھن ؟ھٿين خالي  شهادت ملي سگهي ٿي ۽ جنت بھ ملي سگھي ٿي  پر زمين حاصل ڪرڻ لاءِ جديد هٿيارن جو هجڻ ضروري آهي، جيڪي حماس وٽ ناهن.

اسرائيل تي حماس جي حملي ۽ شروعاتي ڪاميابين جو نشو ڪلاڪن ۾ ختم ٿي ويندو. اسرائيل غزه تي بمباري شروع ڪري ڇڏي آهي، پر هاڻي اهو سلسلو بمباريءَ تائين نه رڪندو، پر اسرائيل غزه تي انتظامي ڪنٽرول به حاصل ڪري سگھي ٿو. حماس جي اٻھرائي اسرائيل جي لاءِ موقعو مھيا ڪيو آھي.

دنيا جا سگھارا ملڪ اھڙي ئي قسم جون سازشون جوڙي ڪنھن ڪارروائي جو جواز پيدا ڪندا آھن.ان جي مثال طور صدام حسين بھ آھي،جنھن کي بھ پھرين ڪويت تي حملي لاءِ تيار ڪيو ويو ھو.جنھن جو اصل مقصد عراقي فوج کي ختم ڪرڻ ھو ۽ حماس جي حملي جي نتيجي ۾ پڻ غزه  فلسطينن جي ھٿن مان وڃي سگھي ٿو.

اسرائيل فوج ۽ حماس ۾ جنگ لڳي وئي آهي، ٻنهي طرفن کان سوين ماڻهو مارجي ويا آهن، اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو خبردار ڪيو آهي ته اها ڊگهي ۽ مشڪل جنگ هوندي.

ڏهاڪن کان هلندڙ تڪرار ڪالهه پنهنجي تباهيءَ تي پهچي ويو جڏهن حماس اسرائيل تي زميني، هوائي ۽ سامونڊي حملن ذريعي سوين راڪيٽ فائر ڪيا، جنهن جي نتيجي ۾ 200 کان وڌيڪ اسرائيلي مارجي ويا، حماس ڪافي اسرائيلي فوجين ۽ ھڪ اھم فوجي آفيسر کي يرغمال بڻائڻ جي دعويٰ ڪري رھيو آھي.

ھوڏانھن حماس ۽ اسرائيل وچ ۾ لبنان جو گروپ حزب الله بھ اچي ويو آھي.جنھن بابت اطلاع آھن تھ اسرائيل حزب اللھ تي حملو ڪيو آھي.اسرائيل ھڪ وڌيڪ محاذ کولي ڇڏيو آھي تھ وري  حماس سان گڏ الفتح گروپ پڻ اسرائيل سان جنگ ۾ شامل ٿي ويو آھي.

اسرائيلي  فوج لبنان جي سرحدي علائقي ۾ شيلنگ ڪئي آھي. اسرائيلي فورسز لبنان جي سرحد پار مارٽر گولا فائر  ڪيا آھن.حماس جي حملن ۾ هڪ فوجي ڪرنل سميت مارجي ويل اسرائيلين جو انگ 500 کان وڌي ويو ۽ 1590 ڄڻا زخمي آھن.اسرائيلي حملن ۾ شهيد فلسطينن جو انگ 232 ٿي ويو 1700 کان وڌيڪ زخمي آھن.حزب الله جا درجنين ويڙهاڪ لبنان کان اسرائيل ۾ داخل ٿيا آهن.تنظيم موجب عماد مغنيه يونٽ ٽن اسرائيلي فوجي پوسٽن تي حملو ڪيو.حماس دعويٰ ڪئي آهي ته هن اسرائيل تي 5 هزار کان وڌيڪ راڪيٽ فائر ڪيا، جڏهن ته پرڏيهي ميڊيا موجب حماس جي حملن ۾ ڪيترن ئي اسرائيلي فوجين سميت 500 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا ۽ 1800 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن.

ٻئي طرف اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو به حماس خلاف جنگ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ۽ چيو آهي ته حماس کان هر صورت ۾ بدلو وٺنداسين.ڪي مبصر اھو سمجھن ٿا تھ حماس جي اھڙي اٻھرائپ اسرائيل کي وڏي ڪارروائي جي لاءِ دعوت ڏيڻ مترادف آھي.

جيتوڻيڪ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو اجلاس سڏايو ويو آھي پر انھن معاملن کي حقيقت جي اک سان ڏسڻ سان معلوم ٿيندو تھ گڏيل قومن ۾ فلسطين کي ڪا گھڻي حمايت نھ ملي سگھندي.ڇاڪاڻ جو تمام گھڻا اسلامي ملڪ اولھھ جي ملڪن جا ڳيجھو آھن.جنھن ڪري ان جو گھڻو فائدو اسرائيل کي ملڻ جوامڪان آھي.ان ڪري ھي جنگ کٽيل ھئڻ باجود حماس ھارائي ويندو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.