ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾اڳوڻي صوبائي وزير مڪيش چاولا خلاف آمدني کان وڌيڪ ملڪتيون ٺاهڻ ۽ خوراڪ کاتي ۾ ڪرپشن واري ڪيس ۾ نيب جي پراسيڪيوٽر بيان ڏيندي چيو ته اڳوڻي صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري هڪ انڪوائري هلي رهي آهي، مڪيش ڪمار چاولا ۽ ٻيا جوابدار خوراڪ کاتي ۾ ڪرپشن واري انڪوائري ۾ گهربل نه آهن، عدالت نيب پراسيڪيوٽر جي بيان بعد مڪيش ڪمار چاولا ۽ ٻين جون نيب خلاف درخواستون اڪلائي ڇڏيون آهن، گذريل ڏينهن اڳوڻي صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا گرفتاريءَ کان بچڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ مان پڪي ضمانت ڪرائي ورتي هئي، مڪيش ڪمار چاولا ۽ ٻين جوابدارن خوراڪ کاتي ۾ ڪرپشن جي انڪوائري دوران گرفتاريءَ جو خدشو ظاهرڪيو هو.