ڀارت سان لاڳاپا انتهائي خراب ٿي سگهن ٿا: آمريڪا

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي سفير ڀارت سان سفارتي لاڳاپن کي محدود ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، پوليٽيڪو موجب ڀارت ۾ مقرر  آمريڪي سفير ايرگ گارسيٽي لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ بابت ٻڌائيندي چيو ته ڀارتي اختيارين سان رابطو ڪٽڻو پوندو، آمريڪي اخبار موجب آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو مُلر چيو آهي ته ڪئناڊا ۾ سک اڳواڻ هرديپ سنگهه نجر جي قتل ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ جو الزام سنگين آهي، ڀارت کي جاچ ۾ سهڪار ڪرڻو پوندو، ايرڪ گارسيٽي ڀارت ۾ پنهنجي ٽيم کي ٻڌايو ته سک اڳواڻ جي قتل تي ڀارت ۽ ڪئناڊا وچ ۾ سفارتي ڇڪتاڻ سبب ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا ڪجهه عرصي لاءِ خراب ٿي سگھن ٿا، سفير گارسيٽِ اهو به چيو ته آمريڪا کي اڻڄاتل مدي لاءِ هندستاني عهديدارن سان پنهنجا رابطا گھٽائڻ جي ضرورت پئجي سگھي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.