جي ڊي اي، متحده ۽ جي يو آءِ نگران سنڌ سرڪار تي بي اعتمادي ڏيکاري ڇڏي

ڪراچي(رپورٽر) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس، ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ جمعيت علماءِ اسلام (ف) گڏيل پليٽ فارم تي گڏ ٿيڻ جو اعلان ڪري  ڇڏيو، ٽنهي پارٽين جسٽس مقبول باقر تي عدم اعتماد جو اظهار ڪندي نواز ليگ ۽ قومپرست پارٽين سان وسيع اتحاد لاءِ ڳالهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جو متبادل آهيون، ٽنهي پارٽين  آڪٽوبر ۾ ٿيندڙ امن مارچ جي حمايت جو اعلان ڪيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار ڊاڪٽر صفدر عباسي، سردار عبدالرحيم، ڊاڪٽر فاروق ستار، علامه راشد محمود سومرو اڱاري ڏينهن فنڪشنل هائوس ڪلفٽن ۾ ڪوٺايل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو،  جي ڊي اي جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو ته 15 سالن ۾ ڦرلٽ ۾ حصو وٺندڙن کي اڃا تائين گرفتار نه ڪيو ويو آهي، اهي به اتي ئي ويٺا آهن ۽ ڪم ڪري رهيا آهن، آفيسرن جون بين الصوبائي بدليون ڪيون وڃن، هن چيو ته پ پ جي حڪومت سنڌ ۾ پندرهن سال پورا ڪيا ته سنڌ جي عوام سک جو ساهه کنيو پر بدقسمتيءَ سان نگران وڏي وزير سميت عبوري حڪومت به پ پ جي بي ٽيم نظر اچي رهي آهي. اهو نوٽ ڪرڻ ضروري آهي ته پاڪستان جي آئين تحت اليڪشن ڪميشن جو اهو فرض آهي ته هو صاف ۽ شفاف چونڊن کي يقيني بڻائي ۽ ڌانڌلي ذريعي چونڊن تي اثرانداز ٿيندڙ عمل کي روڪي. هن چيو ته اسان سمجهون ٿا ته جيڪڏهن انهن نقطن کي درست نه ڪيو ويو ته اهي اليڪشن تي اثرانداز ٿي سگهن ٿا ۽ ايندڙ اليڪشن تڪراري بڻجي ويندي.هن چيو ته ان جي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سينيئر بيورو ڪريسي جون بدليون ۽ مقرريون ڪيون وڃن ها. شفاف اليڪشن ۽ غيرجانبدار آفيسرن جي مقرري کي نظر ۾ رکندي آفيسرن کي رڳو هڪ هنڌ کان ٻي جاءِ تي مقرر ڪيو ويو، جيڪو وزيراعليٰ هائوس ۾ به رڳو ڍانچو آهي، اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جا سڌا آفيسر آهن، انهن آفيسرن کي فوري طور تي هٽايو وڃي ٻي صورت ۾ اسان انهن جا نالا وٺڻ تي مجبور ٿينداسين. هن چيو ته اسان اهو سمجهڻ کان قاصر آهيون ته نئين آدمشماري تحت قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي سيٽن ۾ جيڪڏهن ڪا تبديلي آهي ته پوءِ اها رڳو روايتي انداز ۾ ڇو آهي؟ جي ڊي اي جي سانگهڙ ۽ خيرپور جا حلقا/ ضلعا؟سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ ائين ڇو نه ٿي سگهيو؟ ڇا اليڪشن ڪميشن پاران جي ڊي اي جي سيٽن ۾ گهٽتائي اليڪشن کان اڳ واري ڌانڌلي ناهي؟ هنن وڏي وزير کان سوال ڪيو ته يونس ڍاگا جو قلمدان تبديل ڪرڻ جو حڪم ڪنهن ڏنو؟.ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته 3 سياسي پارٽيون گڏ ويٺيون آهن، حڪومت متاثر ڪيو ته سنڌ ڪارڊ ٺاهينداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.