اسڪولن ۾ ڪتابن جي کوٽ سبب تدريسي عمل متاثر پيو ٿئي: راعنا حسين

ڪراچي(رپورٽر)  سنڌ جي تعليم ۽ وومين ڊولپمينٽ جي نگران صوبائي وزير راعنا حسين شاهه چيو آهي ته اسڪولن ۾ ڪتابن جي کوٽ  سبب تدريسي عمل متاثر ٿيو آهي، جنهن کي نگران صوبائي حڪومت جلد کان جلد حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آھي. ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر روزاني بنيادن تي اسڪولن جو دورو ڪن ۽ مھيا ڪيل آن لائن پليٽ فارم تي مانيٽرنگ رپورٽ جمع ڪرائڻ کي يقين بنايو وڃي. اها ڳالهه ھن   سنڌ سيڪريٽريٽ بلڊنگ ۾ اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ درسي ڪتابن جي ڇپائي، درست ڊيٽا سسٽم جي بهتري، وائبل اسڪول کولڻ کانپوءِ سهولتن جي فراهمي ۽ تعليم جي بهتري بابت قدمن تي غور ويچار ڪيو ويو. ان موقعي تي سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن شيرين ناريجو، اسپيشل سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن آغا شاهنواز بابر، چیف ایڊوائزر ڪريڪيولم ڊاڪٽر فوزيه خان، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، ڊويزنل ڊائريڪٽرن، ضلعي تعليمي آفيسرن ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي تعليم واري صوبائي وزير چيو ته اسان کي ڏسڻو آهي ته شاگردن جو صحيح انگ ڪيترو آهي. جيستائين شاگردن جي ڊيٽا صحيح انداز ۾ پيش نه ڪئي ويندي ان وقت تائين ڪتابن جي طلب جي خبر نه پئجي سگھندي. اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته نئين ڀرتين سان تدريسي علم ۾ بهتري آئي آهي، استادن جي کوٽ ختم ٿيڻ سان اسڪول فعال ٿيا آهن ۽ داخلا جو تناسب به وڌيو آهي. داخلا ۾ واڌ سان ڪتابن جي طلب ۾ به اضافو ٿيو آهي. سنڌ جي تعليم واري وزير چيو ته شاگردن جي صحيح ڊيٽا جي مدد سان ڪتابن جي ڇپائي ۽ آئينده کوٽ جهڙن مسئلن کي حل ڪري سگهجي ٿو صوبائي وزير رعنا حسين چيو ته استادن کي بي ايڊ ڪرڻ جو پابند ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته ٽيچرز لائسنسنگ پاليسي موجب صوبي ۾ ايندڙ وقت ۾ لائسنس رکندڙ استادن کي پڙهائڻ جي اجازت ڏني ويندي. هن چيو ته نان وائبل اسڪولن کي هڪ ئي ڏينهن ۾ وائبل بڻائي کولڻ جون شڪايتون آهن، استادن کي اهڙن اسڪولن ۾ نه موڪليو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.