واٽس ايپ ۾ ” جوابي فيچر “ متعارف، ڪم ڪيئن ڪندو؟

واٽس ايپ پنهنجي واهپيدارن کي وڌ کان وڌ سهولتون ڏيڻ واري مشن تي عمل پيرا آهي، هاڻي واٽس ايپ هڪ نئون جوابي فيچر متعارف ڪرائڻ وارو آهي، جنهن ذريعي واهپيدارن کي تصويرون، ويڊيوز ۽ جف جا فوري جواب حاصل ٿي سگهندا.

واٽس ايپ بيٽا انفو جي هڪ رپورٽ ۾ ان حوالي سان آگاهي ڏني وئي آهي ته اِهو فيچر فلحال اينڊرائيڊ بيٽا واهپيدارن لاءِ موجود آهي.

ان فيچر جي مدد سان واٽس ايپ صارفين کي ڳالهه ٻول دوران غيرضرروري رنڊڪن کان بچڻ جو احساس به ٿيندو.

واٽس ايپ واهپيدار جيڪڏهن ان فيچر بابت ڄاڻڻ جا خواهشمند آهن ته واٽس ايپ اڪائونٽ تي وڃن، ڪا به تصوير، وڊيو يا جف کولين ۽ ڏسن ته جوابي بار نظر اچي رهيو آهي يا نه .

رپورٽ ۾ اِهو به ڄاڻايو ويو آهي ته واهپيدارن کي اِهو نئون جوابي بار اسڪرين کي هٽائن کانسواءِ چيٽ جي اندر مخصوص ميڊيا تي تيزي سان جواب جي اجازت ڏيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.