نجي اسڪولن جي شاگردن لاءِ وڏي خبر اچي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت نجي اسڪولن کي شاگردن کي 10 سيڪڙو فري شپ فراهم ڪرڻ لاءِ آخري 3 ڏينهن جي مهلت ڏيندي اسڪولن خلاف ڪارروائي لاءِ 5 ڪميٽيون جوڙي ڇڏيون.
نجي اسڪولن کي شاگردن کي 10 سيڪڙو فري شپ فراهم ڪرڻ لاءِ آخري 3 ڏينهن جي مهلت ڏني وئي، ان حوالي سان ڊائريڪٽريٽ آف انسپيڪشن رجسٽريشن آف پرائيويٽ انسٽيٽيوشن سنڌ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته نجي اسڪول مجموعي انگ جي 10 سيڪڙو شاگردن کي مفت تعليم فراهم ڪرڻ جا پابند آهن پر اسڪول ان ايڪٽ تي عمل نه پيا ڪن.
نجي اسڪول ايجوڪيشن ايڪٽ 2013 ۽ رول 13 جي مجموعي انگ مان 10 سيڪڙو فري شپ فارمولي تي عمل نه پيا ڪن، وڏي وزير جي هدايت تي نجي اسڪولن خلاف ڪارروائي لاءِ 5 ڪميٽيون جوڙيون ويون آهن، جوڙيل ڪميٽيون نجي اسڪولن جو دورو ڪنديون.
نوٽيفڪيشن موجب ايڊيشنل ڊائريڪٽر رجسٽريشن رفيعه جاويد پاڻ به هڪ ٽيم جي سربراهي ڪندي، ٻين 4 ٽيمن ۾ ڊائريڪٽرن، ڊپٽي ڊائريڪٽرن تي ٻڌل ڪميٽيون جوڙيون ويون آهن.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته نجي اسڪولن جي فري شپ، اسڪالر شپ، گرانٽ جو رڪارڊ چيڪ ڪرڻ سان گڏ تصديق به ڪئي ويندي، ڪميٽيون روز جي بنياد تي پنهنجي رپورٽ به جمع ڪرائينديون ۽ نجي اسڪولن کي ايندڙ 3 ڏينهن ۾ 10 سيڪڙو فري شپ فارمولي تي عملدرآمد ڪرڻو پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.