ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاسپورٽ کاتي چيو آهي ته نارمل پاسپورٽ 21 ڏينهن ۾ ۽ ارجنٽ 5 ڏينهن ۾ ملندو.
پاسپورٽ جاري ڪرڻ جي معاملي تي پاسپورٽ کاتي عوام کي نيون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته موجوده صورتحال ۾ پاسپورٽ وقت تي جاري ڪرڻ ڏکيو ٿي ويو آهي، ڪجهه شرپسند عنصر پاسپورٽ کي ناڪاري طور استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
پاسپورٽ کاتي موجب موجوده صورتحال ۾ نارمل پاسپورٽ 21 ڏينهن ۾ جاري ٿيندو ۽ ارجنٽ پاسپورٽ 5 ڏينهن ۾ جاري ٿيندو، جڏهن ته فاسٽ ٽريڪ پاسپورٽ ٻن ڏينهن ۾ جاري ڪيو ويندو.
پاسپورٽ کاتي اپيل ڪئي ته عوام سهڪار ڪري، لاڳاپيل آفيسن ۾ صبح 8 کان منجهد هڪ وڳي تائين وڃي سگهجي ٿو ۽ جمعي ڏينهن صبح 8 کان منجهند 12 وڳي تائين درخواست ڏئي سگهجي ٿي.
پاسپورٽ کاتي چيو آهي ته ڪا به شڪايت پاڪستان سٽيزن پورٽل تي داخل ڪرائي وڃي.
You might also like