”هي غلطي ڪڏهن نه ڪجو“ حڪومت خبردار ڪري ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) شهرين طرفان شڪايتن ۽ آپگهات جي مختلف واقعن کانپوءِ  ايس اي سي پي جو غيرقانوني لون ايپس خلاف ڪريڪ ڊائون جو سلسلو جاري آهي.

ان ڏس ۾ سيڪيورٽي اينڊ ايڪسچئينج ڪميشن آف پاڪستان (ايس اي سي پي ) هڪ پڌرائي جاري ڪئي آهي جنهن ۾ ڄاڻايو ويوآ هي ته 120 غيرقانوني لون ايپس کي هٽايو ويو آهي.

پڌرائي موجب، غيرقانوني ايپس جي نئين فهرست ايس اي سي پي جي ويب سائيٽ تي جاري ڪئي وئي آهي، ايف آءِ اي، پي ٽي اي جي سهڪار سان ڪريڪ ڊائون جاري رهندو.

ايس اي سي پي جو چوڻ آهي ته ايپس آپريٽرن گوگل، ايپل پلي اسٽور بدران متبادل چئنلز ٺاهي ورتا آهن، ويب چئنلز ذريعي موجود غيرقانوني لون ايپس واهپيدارن لاءِ سنگين خطرو آهي.

سيڪيورٽي اينڊ ايڪسچئينج ڪميشن خبردار ڪيو آهي ته واهپيدار رڳو منظور ٿيل لون ايپس ئي گوگل، ايپل جي پلي اسٽور تان ڊائون لوڊ ڪن.

پڌرائي موجب، غيرقانوني ايپس ڌوکو، ذاتي ڄاڻ جو غلط استعمال، بليڪ ميلنگ، هراسان ڪري سگهن ٿيون، ويب سائيٽ يا واٽس ايپ وغيرا تي شيئر ڪيل غيرقانوني ايپس ڊائون لوڊ نه ڪريو.

عوام کي آگاهه ڪجي ٿو ته لائسنس يافته اين بي ايف سيز ۽ منظور ٿيل لون ايپس خلاف ڪنهن به شڪايت جي صورت ايس اي سي پي جي شڪايت پورٽلhttps://sdms.secp.gov.pk/sdmsadmn/  تي شڪايت داخل ڪرائين، ان کانسواءِ غيرقانوني ايپس يا غيرقانوني سيڙپڪاري وارين اسڪيمن جي اطلاع به ان پورٽل تي ڏئي سگهجي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.