سائين داد مڱڻهار جنهن ليڊي ڊائنا جي آڏو پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو

زارا نواز شيخ

مٿي تي دلو رکي جهمر هڻڻ واري لوڪ فن ”دلي ناچ“ سان سلهاڙيل فنڪار سائين اداد سان ڪجهه ڏينهن اڳ سندس رهائش گاهه تي ملاقات ٿي جيڪا هن وقت ڪراچي جي نيشنل هاءِ وي تي شاهه لطيف ٽائون ۾ آهي ان ملاقات جو مقصد سندس ”دلو / گهڙا ناچ“ واري فن ۾ ارپيل خدمتن بابت تفصيلي معلومات وٺڻ هو جيڪو منهنجي اڄوڪي ڪالم جو موضوع آهي.

سائين داد سان ملڻ کانپوءِ خبر پئي ته هن نه رڳو سنڌ پر عالمي سطح تي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري وڏو نالو ڪمايو آهي. سائين داد کان اهو ٻڌي بيحد خوشي ٿي ته سائين جن کي هن سال 23 مارچ تي صدارتي ايوارڊ پڻ ملي چڪو آهي. مونکي اهو ٻڌي ڏندين آڱريون اچي ويون ته سائين داد برطانيا جي شهزادي ليڊي ڊائنا جي اڏو 1995ع ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري کائنس داد ۽ يادگار شيلڊ ماڻي چڪو آهي. سائين داد ملاقات ۾ ليڊي ڊائنا کان مليل اها شيلڊ به ڏيکاري ۽ اها اسڪرپٽ به پڙهائي جيڪا صدارتي ايوارڊ جي حوالي سان لکيل هئي. جنهن ۾ کين زبردست خراج تحسين پيش ڪيو ويو آهي.

ان صدارتي ايوارڊ جي اسڪرپٽ ۾ لکيل آهي ته ”سائين داد بهترين لوڪ ڊانس پرفارمر آهي جيڪو مختلف ثقافتي ۽ قومي پروگرامن توڙي ميلن ۾ پنهنجي فن جو بهتري مظاهرو ڪري تماشبين کي موهي ڇڏڻ جي صلاحيت رکندو آهي. هن 1995ع ۾ لنڊن جي شهزادي ڊائنا جي سامهون پڻ پرفارم ڪيو جنهن تي ليڊي ڊائنا کيس مختلف تحفن ۽يادگار شيلڊ سان نوازيو. سائين داد، قومي ۽ عالمي سطح تي مختلف پروگرامن ۾ پرفارم ڪيو آهي ۽ ملڪن جي سربراهن توڙي اعليٰ شخصيتن جي آڏو پنهنجي فن کي ڏيکارڻ جو اعزاز حاصل ڪيو آهي. داد سائين جي ڪم کي ڪيترن ئي ڏيهي ۽ پرڏيهي اخبارن جهڙوڪ دي ٽائمز لنڊن، السٽريٽ برلن جرمني، روزاني جنگ، روزاني عوامي آواز، ڊيلي ڊان، دي نيوز وغيره ۾ ساراهيو ويو آهي. گهڙا رقص جي شعبي ۾ اوهان جي خدمتن جي اعتراف ۾ اسلامي جمهوريا پاڪستان جناب سائين داد کي صدارتي اعزاز براءِ حسن ڪارڪردگي عطا aڪيو ويو آهي“.

اها معلومات ملڻ کانپوءِ مونکي سائين داد جي شخصي تاريخ ۾ ويتر دلچسپي وڌي وئي. منهنجي پڇيل سوالن جي جواب ۾ ٻڌايائين ته مان سال 1952ع ۾ جمع ڪلمتي لانڍي نمبر 22 ڪراچي ۾ پيدا ٿيم. منهنجي وڏن جو تعلق ڪيٽي بندر لڳ ڳوٺ ناٿي مڱڻهار سان آهي.منهنجا ناناڻا ۽ ڏاڏاڻا ڳائڻ، وڄائڻ ۽ نچڻ سان تعلق رکندا هيا. ايئن مونکي اهو ورثو ننڍپڻ کان مليل آهي. مون ننڍپڻ کان وڄائڻ ۽ نچڻ شروع ڪيو. جيڪا به ڌن وڄندي هئي ته مان جهمر هڻڻ شروع ڪندو هيم، ماحول جو اهڙو مليو.

سنڌي موسيقيءَ جي واڌ ويجهه ۾ واقعي به سنڌي مڱڻهارن، دهل وڄائيندڙ ۽ ناچن جو وڏو ڪردار رهيو آهي. اهڙن مڱڻهارن ۾ محراب مڱڻهار جو خاندان دلو ناچ جي فن ۾ وڏي مهارت رکي ٿو. انهيءَ فن ۾استاد جمن ملاح، استاد عمر مڱڻهار، سائين داد مڱڻهار جون خدمتون خاص طور تي وسارڻ جوڳيون ناهن. محراب مڱڻهار سائين داد جو والد هو. داد سائينءَ اهو دلي ناچ وارو فن پنهنجي اولاد ۾ به منتقل ڪيو آهي. هن ٻڌايو ته منهنجا ٽي پٽ گلاب، اقبال، محراب ۽ ڀاڻج به هن فن سان سلهاڙيل آهن جيڪي مون وانگر ڪيترن پرڏيهي ملڪن ۾ پڻ گهڙو ناچ ۽ پرفارمنس ڏيکاري داد حاصل ڪي چڪا آهن.

سائين داد  جو چوڻ هو ته سندس فن کي پهرين وڏي مڃتا شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ميلي تي ملي هئي جنهن سندس زندگي بدلائي ڇڏي. ان ميلي ۾ ريڊيو حيدرآباد جو حميد آخوند، ڪاظمي، ممتاز مرزا ۽ آفتاب بلوچ به آيل هيا جيڪي نه رڳو منهنجي ”دلي ناچ“ مان متاثر ٿيا پر پي ٽي وي جي تڏهوڪي جنرل مئنيجر  عبدالڪريم بلوچ سان ملائي، سال 80-1979ع ۾ هڪ ٽي وي شو ۾ پرفارم به ڪرايو. تنهن زماني ۾ پي ٽي وي تي اچڻ غير معمولي ڳالهه هوندي هئي، باقاعدي آڊيشن ورتي ويندي هئي. آڊيشن ۾ پاس ٿيڻ وڏي ڳالهه هوندي هئي. سو اهو سهرو عبدالڪريم بلوچ ڏانهن وڃي ٿو جنهن ” دلي ناچ جو فن“ ٽي تي ڏيکارڻ جي شروعات ڪئي.

داد سائين ٻڌايو ته هن ڀٽائي جي ميلي کانسواءِ  قلندر شهباز، جهوڪ شريف، سمن سرڪار جي ميلن تي به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي. ان کان علاوه ٻاهرين ملڪن جهڙوڪ برطانيا، لنڊن، ڀارت، دبئي، جرمني، ڪوريا، چين ۾ به پرفارمنس ڏيکاري آهي. هن ٻڌايو ته سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ پاران پڻ مونکي ايوارڊ ملي چڪو آهي. سائين داد جي پسند جا سنڌي فنڪار استاد محمد جمن ۽ محمد يوسف رهيا آهن.

دلي ناچ جي هن قديم فن جي آخري رکوالن ۽ محافظن يعني سائين داد مڱڻهار ۽ سندس فن کي خاص ڪري هن جديد دور ۾ تمام گهڻي سرڪاري سرپرستي جي ضرورت آهي. سندن وٽ نه رهڻ لاءِ مضبوط گهر آهي ۽ نه ئي سندن ٻچن مان ڪنهن کي سرڪاري ملازمت آهي سو سائين داد مڱڻهار انٽرويو ڏيندي مطالبو ڪيو ته سندن فني خدمتن کي ڏسندي جيڪڏهن حڪومت سندس ڪنهن پٽ کي گهٽ ۾ گهٽ هڪ سرڪاري نوڪري ڏيندي ته سندن گذر سفر بهتر ٿي ويندو ۽ سرڪاري ميڊيڪل پئنل تي سندن علاج جو بندوبست ٿئي ته اسان سمجهنداسين ته اسان جي فن جو عزت ڀريو قدر ٿيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.