نوان سياسي اتحادي، ڪجهه سوال ڪجهه انديشا

ذلفي چاچڙ

اليڪشن ڪميشن پاران جنوري جي آخري ھفتي ۾ عام چونڊون ڪرائڻ واري اعلان کان پوءِ ملڪي سياسي وايو منڊل مان غير يقيني واري صورتحال دم ٽوڙي وئي ۽ سياسي حلقن ۾ ڪنھن قدر ھلچل پيدا ٿي وئي آھي. جيڪي عوام سان رجوع ڪرڻ لڳا آھن ۽ نوان سياسي اتحاد جڙڻ شروع ٿي ويا آھن. جڏھن ته ان کان پھريان ڪيترن ئي ماڻھن کي اھو گمان ھو ته طاقتور ڌر ھٿرادو مسئلا پيدا ڪري نگران حڪومت کي ڊيگھه ڏيندي ويندي. بدعنوان ۽ ڪرپٽ ڪامورن توڙي سياستدانن جي احتساب جو بھانو بڻائي پردي پٺيان اھڙا ڪم ڪيا ويندا، جيڪي عوامي حڪومت ۾ ٿي نه پئي سگھيا. ان  لاءِ اھو تاثر جڙيو ته ملڪ ۾ عام چونڊون پنھنجي مقرر وقت يعني نوي ڏينھنَ ۾ نه ٿينديون. ڇاڪاڻ ته ملڪ  کي ڪرپشن کان پاڪ ڪرڻ واري پروگرام کي پايا تڪميل تائين پھچائڻ لاءِ ھڪ خاصو عرصو گهربل آھي. ڇو ته ملڪ جو شايد ئي اھڙو ڪو ادارو يا ڪامورو ھجي، جيڪو بدعنوان، ڪرپٽ ۽ راشي نه ھجي. جيڪڏھن ڏٺو وڃي ته اسان جا ادارا اڃا تائين ايترا ميچوئر، پاڻڀرا ۽ خود مختيار نه ٿي سگھيا آھن، جو اھي ڪنھن جو به سھي معنيٰ ۾ احتساب ڪري کيس قانون جي ڪٽھڙي ۾ بيھاري سگھن. ھتي رڳو احتساب جي نالي تي ذاتي توڙي سياسي انتقام ئي ورتا ويندا آھن. ھن ملڪ ۾  سدائين ايئن ٿيندي ڏٺو ويو آھي ته ادارا ھميشه فردن جي ماتحت  رھي ڪم ڪندا رھيا آھن. جيڪي انھن کي قانون مطابق ڪم ڪرڻ کان روڪيندا رھيا آھن. ۽ انھن کي ملڪي  مفاد جي بدران پنھنجي فائدي لاءِ استعمال ۾ آڻيندا رھيا آھن. جنھن سبب نه رڳو انھن ادارن پر عالمي سطح تي ملڪي وقار پڻ مجروع ٿيندو رھيو آھي. ملڪ جي ترقي لاءِ لازم آھي ته ادارن کي مضبوط ۽ خود مختيار بڻائڻ سان گڏ احتساب جو سلسلو مٿين طبقي جي ماڻھن کان شروع ڪجي، جنھن سان ھيٺيون طبقو خود بخود سڌو ٿي سڌري ويندو.

انوارالحق ڪاڪڙ جو وزارت اعظمي (نگران) لاءِ رات پيٽ ۾ نالو فائنل ٿي وڃڻ سياسي جماعتن لاءِ ھڪ وڏو ڌچڪو ۽ سياست تي اثر انداز ٿيندڙ ماڻھن جو ھڪ اھم پيغام ھو ته ايندڙ چونڊن بعد جيڪا به حڪومت  ٺھندي، اھا سدائين وانگر اسان جي منشا ۽ مرضي مطابق ئي ٺھندي. ملڪ جو نئون حاڪم فقط اھو شخص بڻجي سگھندو، جيڪو اسان  جي حڪم جي پوئواري ڪندي اسان جي ڏنل ڊڪٽيشن تي ھلندو رھندو. شروع ۾ نگران حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ ڪيترائي نالا ٻڌڻ ۾  ايندا رھيا، جن ۾ حفيظ شيخ جو نالو ٽاپ تي ھو. جڏھن ته انوارالحق ڪاڪڙ جو نالو مون سوڌو ڪيترن ئي ماڻھن ان وقت ٻڌو، جڏھن ھو نگران وزيراعظم بڻجي چڪو ھو. وزارت اعظميٰ لاءِ سندس نانءُ نه ته ڪنھن سياسي جماعت تجويز ڪيو ھو،  نه ئي ان حوالي سان ڪنھن کي اعتماد ۾ پڻ ورتو ويو. طاقتور ڌر کيس وزيراعظم بڻائي  سياسي حلقن ۾ مايوسي پيدا ڪرڻ سان گڏ  ايندڙ چونڊن جي شفافيت تي پڻ سواليه نشان لڳائي ڇڏيو. جنھن سبب ملڪ ۾ غيريقيني واري صورتحال پيدا ٿي ۽ ملڪ جو عوام ٻڏتر جو شڪار ٿي ويو ته عام چونڊون ٿينديون به الائي نه. ڏٺو وڃي ته  نگران حڪومت ۾ شامل وزيرن کي غير جانبدار ۽ سياست کان پري رھڻ گھرجي، پر وزيراعظم انوارالحق  جو تازو بيان سندس جانبداري کي وائکو ڪري ٿو. جنھن ۾ ھن چيو آھي ته سياست ۾ فوج جي مداخلت بدستور جاري رھندي.

عمران خان ۽ فوج جي وچ ۾ پيدا ٿيل تڪرار سبب اسٽيبلشمينٽ ۽ نواز ليگ جي وچ ۾ ويجھڙائپ وڌڻ لڳي. نتيجي ۾ مسلم ليگ (ن) کي اقتدار ۾ اچڻ جو ھڪ ڀيرو ٻيھر موقعو ڏنو ويو، جنھن جي اميد کين بنھه به نه ھئي. شھباز شريف جو وزير اعظم بڻجندي ئي اسٽيبلشمينٽ ۽ مسلم ليگ (ن) جي وچ ۾ باضابطه طور ڳالھيون ٿيڻ لڳيون ۽ منجھن ڪيترائي معاملا طئي ٿي ويا. مسلم ليگ (ن) ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ ٿيندڙ ڳالھيون فائنل رائونڊ  ۾ پھچي ويون ھيون، جنھن سبب نواز شريف ايڪويهھ آڪٽوبر تي وطن واپس ورڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. مسلم ليگ (ن) ۽ اسٽيبلشمينٽ جي وچ ۾ ٿيل ٺاھ ۾ ان نقطي تي پڻ اتفاق ڪيو ويو ھو ته ايندڙ چونڊن ۾ سندس اقتدار ۾ ڀائيوار  پاڪستان پيپلز پارٽي نه پر ڪا ٻي سياسي جماعت ھوندي. پي پي کي ديوار سان لڳائڻ جي اھڙي طرح منصوبا بندي ڪئي وئي. جيئن 2018ع ۾ مسلم ليگ (ن) جو ميڊئيٽ چورائي سياسي ميدان ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف کي اڳتي آندو ويو ھو. جنھن جي خبر آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري کي پڻ پئجي وئي ھئي.

پر اھي سڀئي منصوبا ان وقت ناڪام ٿيڻ لڳا ۽ معاملو اتي اچي منجھي پيو. جڏھن نواز شريف آئين ٽوڙيندڙ ۽ مسلم ليگ (ن) جو ميڊئيٽ چورائيندڙ جنرلن جي احتساب جي ڳالهھ ڪئي.  کيس مڃائڻ ۽ سمجھائڻ جي ڪوشش شھباز شريف سميت سينئير پارٽي اڳواڻن پڻ ڪئي، جنھن ۾ سڀئي ناڪام ۽ نراس ٿيا. ڇو ته نواز شريف پنھنجي ھوڏ تي قائم آھي. جيڪو ٻه قدم پوئتي ھٽڻ لاءِ راضي نٿو ٿئي. جنھن سبب اسٽيبلشمينٽ ۽ مسلم ليگ (ن)  ۾ طئي ٿيل سمورا معامله بگڙڻ لڳا آھن. ڇا مسلم ليگ (ن) ھڪ ڀيرو ٻيھر غلطي جو ورجاءُ ڪري ڪنھن ٻي پارٽي کي اڳتي اچڻ جو موقعو فراھم ڪري رھي آھي؟ ڇو ته ويجھي ماضي ۾ اسٽيبلشمينٽ مسلم ليگ (ن) جي اڳيان مائنس نواز شريف وارو فارمولو پيش ڪيو ھو، جنھن کي شھباز شريف ۽ ٻي قيادت رد ڪري ڇڏيو ھو، جنھن جي نتيجي ۾ 2018ع واري چونڊن ۾ پي ٽي آءِ اڪثريت حاصل ڪئي ۽ عمران خان پاڪستان جو ٻاويھون وزيراعظم بڻجي ويو ھو.

ھن ڀيري به نواز شريف جي ضد واري روش ڏسي اسٽيبلشمينٽ پاڪستان تحريڪ انصاف تي سختي گھٽ ڪرڻ شروع ڪئي آھي. اسٽيبلشمينٽ جيڪا ھڪئي وقت مسلم ليگ (ن) ۽ پي ٽي آءِ کي لٺ  به  ڏيکاري رھي آھي ته چٽ به. ھڪ طرف پي ٽي آءِ کي چونڊن کان پري رکڻ جي ڌمڪي ڏيندي اھو چيو وڃي ٿو ته بيلٽ پيپرن ۾ پارٽي جو چونڊ نشان نه ڏنو ويندو. ته ٻي طرف نو مئي واقعي جي جوابدارن جون ضمانتون پڻ منظور  ڪيون پيون وڃن، جيڪي پاڪستان تحريڪ انصاف جا ڪارڪن آھن. جڏھن ته عمران جو حمايتي صحافي ۽ اينڪر پرسن عمران رياض کي پڻ آزاد ڪيو ويو آھي، جيڪو گذريل ڪجهھ مھينن کان لاپته ھو. ھوڏانھن جيل ۾ عمران خان کان معافي لکرائڻ سان گڏوگڏ پي پي ۽ پي ٽي آءِ کي پڻ ويجھو آندو پيو وڃي، منجھن چونڊن ۾ اتحاد ۽ گڏيل حڪومت ٺاھڻ جون ڳالھيون به ھلندڙ آھن. ڇا اھو سڀ ڪجهھ رڳو مسلم ليگ (ن) کي خوفزده ڪرڻ لاءِ ٿي رھيو آھي يا حقيقت ۾ عمران خان کي معاف ڪيو ويندو؟ ان سوال جو جواب ايندڙ ڪجهھ وقت ۾ واضح ٿي سڀني جي سامھون اچي ويندو.

ڇا پي پي ۽ پي ٽي آءِ اتحاد جٽاندار ثابت ٿيندو؟ ڇو ته منجھن نه رڳو نظرياتي اختلاف آھن پر سندن مزاج به مخالف آھن. جيالا جمھوريت پسند،  مفاھمت تي يقين رکندڙ ۽ سڀ کان وڌيڪ تنقيد برداشت ڪندڙ آھن، جڏھن ته پي ٽي آءِ اڳواڻ آمريت واري سوچ رکن ٿا، جيڪي مستقبل کي نظر ۾ رکي ملڪي توڙي عالمي حالتن کي سمجھڻ بنا ئي نه رڳو بيان بازي ڪندا رھندا آھن پر سياسي فيصلا به ڪن ٿا، جنھن جو نقصان نه رڳو سندن پارٽي پر ملڪ کي پڻ ٿئي ٿو. جيڪڏھن اسٽيبلشمينٽ پي پي ۽ پي ٽي آءِ جي گڏيل حڪومت قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب به ٿي ته اھو دور ملڪي تاريخ ۾  سخت سياسي ڇڪتاڻ جو دور لکيو ويندو ۽ ملڪ ۾ ڏڦيڙ گاڏڙ مسئلا پيدا ٿي پوندا.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.