راڻيپور ۾ پريا ڪماري ۽ ٻين مغوين جي آزادي لاءِ ڪئمپ جاري، اڄ پيادل مارچ

راڻيپور(رپورٽ: فياض حسين راڄپر) وائس آف راڻيپور هندو پنجائت ۽ يونائيٽڊ لائرس اينڊ سول سوسائٽي پاران پريا ڪماري سميت سنڌ مان اغوا ڪيل مغوين جي آزادي لاءِ قومي شاهراهه تي لڳل ڪيمپ 26 ڏينھن به جاري رهي،  معصوم پريا ڪماري جي  آزادي لاءِ اڄ ڪئمپ کان سکر پريس ڪلب تائين پيادل مارچ نڪرندو جنهن جا پمفليٽ شهر ۾  ورهايا ويا، وائس آف راڻيپور، هندو پنجائت يونائيٽڊ لائرس اينڊ سول سوسائٽي پاران پريا ڪماري سميت سنڌ مان اغوا ڪيل مغوين جي آزادي لاءِ قومي شاهراهه تي لڳل ڪئمپ 26 ڏينھن به جاري رکي وئي، معصوم پريا ڪماري جي آزادي لاءِ اڄ ڪئمپ کان سکر پريس ڪلب تائين پيادل مارچ نڪرندو شهر ۾ پمفليٽ ورهايا ويا جنهن جي اڳواڻي ڊاڪٽر نذير کوکر،  سڪندر سرڪي، روشن لغاري، نويد سهتو، عطا محمد ڀٽو ساجد مڱريو ڪري رهيا هئا ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته راڻيپور ۾ 26 ڏينهن کان پريا ڪماري جي  آزادي لاءِ ڪئمپ جاري رکي آھي پريا  ڪماري جا آزادي لاءِ پيادل ڪڍيو ويندو جنھن ۾ سياسي سماجي شهري هندو پنجائت جا اڳواڻ پڻ شرڪت ڪندا جيڪو سکر پريس ڪلب تائين پيادل مارچ ڪنداسين جيڪو ٽي ڏينهن جاري رهندو، پريا ڪماري  محرم جي مهيني ۾ امام حسين عليه السلام جي سبيل هلائيندي اغوا ٿي وئي جنهن بعد ان جي امڙ مسلسل احتجاج ڪيا پنهنجي اکين جا لڙڪ هاريندي رهي پر پوليس پريا کي بازياب نه ڪرائي سگهي اسان جو هي احتجاج مارچ  تيستائين جاري رهندا جيستائين پريا ڪماري سميت سنڌ مان سمورن مغوين کي بازياب نٿو ڪرايو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.