ڪراچي(م ڊ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته ڪراچي ۾ مڪاني نمائندن کي اختيار ڏنا وڃن پيپلز پارٽي 15 سال سنڌ تي حڪومت ڪئي سنڌ سميت دارالحڪومت تائين مسئلا حل نه ڪيا ويا. هن چيو ته ڪراچي جي ساڍا ٽي ڪروڙ عوام لاءِ 35000 بسون گهربل آهن رڳو 250 بسون موجود آهن. پراڻن بسن کي بار بار افتتاح ڪري عوام کي بيوقوف بڻايو ويو. مهانگائي بجلي ۽ پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ خلاف 6 آڪٽوبر تي سنڌ گورنر هائوس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو. اھڙن خيالن جو اظهار ھن ڪراچي ۾ اداره نورحق ۾ جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪندي ڪيو. سراج الحق چيو ته نگران حڪومت ڪجهه ڪرڻ چاهي ٿي ته قومي ادارن کي تباهه ڪندڙ ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪري. نجڪاري بدران بروقت جلد ۽ شفاف چونڊون ڪرايون وڃن.جماعت اسلامي 25 ڪروڙ عوام جي مفاد لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي عوام صاف سرسبز ۽ ڪرپشن کان پاڪ پاڪستان لاءِ جماعت اسلامي جو ساٿ ڏي. امير جماعت اسلامي سراج الحق آءِ پي پيز جي معاھدن تي نظرثاني، ذميوارن خلاف ڪارروائي ۽ آءِ پي پيز جي فرانزڪ آڊٽ جو مطالبو ورجائيندي چيو ته جماعت اسلامي بجلي جي بلن ۽ آءِ پي پيز جي معاھدن ۾ 48 سيڪڙو اضافي ٽيڪس شامل ڪرڻ خلاف عدالت ۾ ويندي.