ٺٽو: نئين ڊجيٽل آدم شماري تحت ٺٽي ضلعي جي 10 لک 83 ھزار 191 انساني آبادي رجسٽرڊ ٿيل، 5 لک 18 ھزار 294 ووٽ رجسٽرڊ ٿيل آھن، داخل ووٽن ۾ 2 لک 84 ھزار 186 مرد ووٽر ۽ 2 لک 34 ھزار 108 عورت ووٽر رجسٽرڊ ٿيل آھن. جڏھن ته نئين آدم شماري تحت ٺٽي ضلعي جي ڪُل انساني آبادي 10 لک 83 ھزار رجسٽرڊ ٿيل آھي. جڏھن ته ڊجيٽل آدم شماري بعد ٿيندڙ نين تڪبندين ۾ آبادي جي تناسب جي حساب سان صوبائي تڪ لاءِ 4 لک 28 ھزار ووٽرن جي حد مقرر ڪئي وئي آھي، جڏھن ته قومي تڪ لاءِ 9 لک 21 ھزار ووٽرن جي حد مقرر ٿيل آھي. جڏھن ته نين تڪبندين سبب ٺٽي ۾ ھڪ صوبائي تڪ گھٽجي ويندو .
.