ٺٽو(رپورٽ: منصور جلالاڻي) 10 ڏينھن اڳ غوثپور واري علائقي مان مبينا طور عورتاڻي آواز تي ھرکجي اغوا ٿي ويل ڪرسچن ڪالوني ٺٽي جي رھواسي نوجوان عرفان مسيح جو ٺٽو پوليس پاران اغوا جو ڪيس داخل نه ڪرڻ توڙي سندس آزادي لاءِ ڪوششون نه وٺڻ خلاف ھڪ دفعو ٻيھر وارثن ۽ سياسي، سماجي تنظيمن جي اڳواڻن مغوي عرفان مسيح جو والد بشير مسيح، امڙ رضيا مسيح، گھرواري اقصيٰ مسيح، فياض مسيح، شھباز مسيح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ٺٽو اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪندي قومي شاھراھ تي ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، اڳواڻن جو چوڻ هو ته عرفان عرف ماني مسيح کي اغوا ٿيندي 10 ڏينھن ٿي ويا آھي پوليس سندس گمشدگي جي رپورٽ به داخل ڪرڻ لاءِ تيار ناھي، ٺٽو پوليس عورتاڻي آواز تي ھرکجي وڃڻ وارو ڊرامو رچائي ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري رھي آھي، جيڪو عمل مذمت جوڳو آھي، عرفان مسيح ٺٽي شھر جو رھواسي آھي ۽ ميونسپل ڪميٽي ٺٽي جو ملازم آھي، ھنن سنڌ جي نگران گھرو وزير ۽ آءِ جي سنڌ کان معاملي جو نوٽيس وٺي عرفان مسيح کي جلد بازياب ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو. جڏھن ته ايس ايڇ او ٺٽو مظاھرين وٽ پھچي ڳالھيون ڪري احتجاج ختم ڪرايو.