ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان جي نگران وڏي وزير مير علي مردان خان ڊومڪي چيو آهي ته بلوچستان ۾ مڪمل طور تي امن جي بحالي ۽ حڪومت جي رٽ برقرار رکڻ لاءِ سمورا سيڪيورٽي ادارا پوري سگهه سان ڪم ڪري رهيا آهن، اسان جي ڀرپور ڪوشش آهي ته عام چونڊن لاءِ سازگار ماحول قائم ڪيو وڃي، صاف، شفاف ۽ غير جانبدار چونڊون منعقد ڪرائڻ صوبائي حڪومت جو مينڊيٽ آهي، چونڊن جي تاريخ ڏيڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي، چونڊون پرامن ۽ شفاف منعقد ڪرائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن جي مڪمل مدد ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ٽي وي پروگرام سياسي احوال ۾ خيالن جو اظهار ڪندي ڪيو، هن نگران صوبائي حڪومت جي ترجيحن، درپيش مسئلن ۽ حڪومت طرفان کنيل قدمن سميت ناراض بلوچن سان ڳالهين ۽ ٻين معاملن تي کلي خيالن جو اظهار ڪيو. هن مختلف سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته بلوچستان بجيٽ جو لڳ ڀڳ 75 سيڪڙو حصو غير ترقياتي معاملن جهڙوڪ پگهارن، پينشن ۽ ٻين خرچن ۾ خرچ ٿي وڃي ٿو جڏهن ته 25 سيڪڙو ترقياتي منصوبن لاءِ مختص ڪيو وڃي ٿو، ان 25 سيڪڙو مان به وسيلن جو درست استعمال نٿو ڪيو وڃي جنهن سبب عوام اڄ به تعليم، صحت ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي سميت ٻين بنيادي سهولتن کان محروم آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان ناراض بلوچ اڳواڻن کي هڪ ڀيرو ٻيهر ڳالهين جي دعوت ڏيون ٿا ته هو اچن ۽ قومي ڌارا ۾ شامل ٿين اسان انهن لاءِ موثر پاليسي جوڙڻ لاءِ تيار آهيون. بلوچستان ۾ اسمگلنگ جي موثر روڪٿام لاءِ وفاقي حڪومت جي تعاون سان ڀرپور ڪارروائي ڪري رهيا آهيون،
گورنر سنڌ سان شمشاد اختر جي ملاقات،معاشي صورتحال تي ڳالهيون
ڪراچي(رپورٽر) گورنر سنڌ ڪامران خان ٽيسوري سان ناڻي، محصولن ۽ اقتصادي معاملن واري نگران وفاقي وزير شمشاد اختر گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ کي درپيش معاشي چئلينجن ،معاشي صورتحال ۾ بهتري جي حڪمت عملي، روانگي واپار ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ جي قدمن ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
گورنر چيو ته شهر قائد جي صنعتڪارن جي مسئلن جي حل لاءِ سڀني لاڳاپيل وزارتن جي ڪوشش واکاڻ جوڳي آهي. ڪامران خان ٽيسوري چيو ته سيڙپڪارن کي همٿائڻ ۽ سهولتن جي فراهمي جا اثرائتا نتيجا نڪرندا. نگران وفاقي وزير شمشاد اختر چيو ته نگران وفاقي حڪومت ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻ لاءِ پرعزم آهي.هن چيو ته وفاقي حڪومت ۽ صنعتڪارن جي وچ ۾ رابطي ۾ گورنر سنڌ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.