پي ٽي آءِ قيادت اسٽيبلشمينٽ سان مفاهمت چاهي ٿي: محمد علي دراني

اسلام آباد(م ڊ پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جي سيڪريٽري جنرل ۽ اڳوڻي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير محمد علي دراني چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي موجوده قيادت تڪرار نه پر مفاهمت چاهي ٿي.  خانگي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي محمد علي دراني چيو ته منهنجي ملاقاتن جي ايجنڊا اها هوندي آهي ته عوام ڇا ٿو چاهي، هاڻي جتي به وڃان ٿو اتي عوام جا مسئلا ڏسان ٿو.سينيئر سياستدان ان ڏينهن مختلف سياسي پارٽين جي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪري رهيو آهي جڏهن ته گذريل ڪجهه هفتن ۾ هن صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان به ملاقات ڪئي آهي، ان کان علاوه هن پي ٽي آءِ جي وفد سان به ملاقات ڪئي،هن چيو ته  عوام چاهي ٿو ته ملڪ ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال گهٽجي وڃي ۽ عوام سمجهي ٿو ته سندن مشڪلاتن ۾ گهٽتائي به ان صورتحال جي خاتمي سان ٿيندي. عمران خان جو چوڻ آهي ته هر معاملي تي ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.