اسلام آباد(م ڊ) ن ليگ جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته بدقسمتي آهي ته ڪا به پارٽي عوام جي ڳالهه نه پئي ڪري، مون وٽ پارٽي جو ڪو به عهدو ناهي، پارٽي اجلاسن ۾ شرڪت نه ڪندو آهيان، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته مون کي ڪا به جماعت اڪثريت حاصل ڪندي نظر نه پئي ،اتحادي حڪومت ٺهندي، اتحادي حڪومت جا حال اسان تازي ماضي ۾ ڏٺا آهن،