ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي شهر ۾ اسٽريٽ ڪرائم ۽ ٻين ڏوهن جي روڪٿام ۽ شهرين جي مدد لاءِ انتظاميا اهم قدم کنيا وڃن آهن . سي پي ايل سي سان رابطا ۽ تعاون وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ڊويزنل، ضلعي ۽ سب ڊويزنل سطح تي ڪوآرڊينيشن ڪميٽيون قائم ڪيون ويون آهن. ڪمشنر ڪراچي محمد سليم راجپوت موجب ڪميٽين جي قيام سان شهر ۾ ڏوهن جي روڪٿام ۾ مدد ملندي ۽ سي پي ايل سي ۽ شهرين وچ ۾ رابطي جي کوٽ کي دور ڪرڻ ۾ مدد ملندي. محمد سليم راجپوت چيو ته زينب الرٽ انسٽيٽيو ذريعي ڏوهن خلاف آگاهي مهم کي موثر بڻايو ويندو، شهرين سان واڪ ۽ ميراٿون ڪرايون وينديون. هن چيو ته سائبر ۽ ٻارن جي حفاظت لاءِ ماهرن جي سهڪار سان تعليمي ادارن ۾ پروگرام منعقد ڪيا ويندا، تعليمي ادارن ۾ منشيات جي روڪٿام لاءِ قدم کنيا ويندا. هن چيو ته ڏوهن کان متاثر علائقن ۽ روڊن تي اسٽريٽ لائيٽون لڳائڻ کي يقيني بڻايو ويندو، خراب روڊن جي مرمت ڪئي ويندي ته جيئن اسٽريٽ ڪرائم نه ٿين.
ايف آءِ اي جون ڪارروايون، ڪرنسي اسمگلنگ ۾ 11 جوابدار گرفتار
ڪراچي (رپورٽر ) وفاقي جاچ ايجنسي(ايف آءِ اي) ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڪارروايون ڪندي ڪرنسي اسمگلنگ ۾ ملوث 11 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ايف آءِ اي جي ترجمان موجب ڊائريڪٽر جنرل ايف آءِ اي جي هدايتن تي ڪرنسي اسمگلرز ۽ هنڊي حواله ۾ ملوث عناصرن جي خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي. ان سلسلي ۾ گذريل هفتي دوران ڪراچي ۽ حيدرآباد زونز ڪرنسي جي غيرقانوني ايڪسچينج ۾ ملوث عناصرن جي خلاف 7 ڇاپا مار ڪارروايون ڪيون ويون نتيجي ۾ 11 جوابدارن کي گرفتار ڪري 6 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. ايف آءِ اي جي ترجمان ٻڌايو آهي ته گرفتار جوابدارن جي قبضي مان 6 هزار 400 آمريڪي ڊالر ۽ هڪ ڪروڙ 67 لک روپين کان وڌيڪ ماليت جي ٻئي پرڏيهي ڪرنسي به هٿ ڪئي وئي آهي. ترجمان موجب گرفتار جوابدار مختلف ڪاروبار جي آڙ ۾ ڪرنسي جي غيرقانوني ايڪسچينج ۾ ملوث هئا. ايف آءِ اي هنڊي حوالو ۽ ڪرنسي جي غيرقانوني ايڪسچينج ۾ ملوث جوابدارن جي خلاف انٽيليجنس بيسڊ ڪارروائين جي شروعات ڪئي وئي آهي. ايف آءِ اي اختيارين جو چوڻ آهي ته پرڏيهي ملڪن ۾ رهندڙ غيرقانوني ڪرنسي ايڪسچينج ڊيلرن جو گهيرو تنگ ڪيو ويو آهي. جوابدارن جي گرفتاري لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي به مدد حاصل ڪئي پئي وڃي.
بجلي چورن خلاف 18 هين ڏينهن به آپريشن، ڪيترائي گرفتار
ڪراچي(م ڊ)لاهور اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني (ليسڪو) جي چيف ايگزيڪيٽو انجينئر شاهد حيدر جي نگراني هيٺ ليسڪو ريجن ۾ بجلي چورن خلاف ارڙهين ڏينهن به آپريشن دوران سمورين سرڪلن ۾ 462 ڪنيڪشنز بجلي چوري ۾ ملوث ڏٺا ويا جڏهن ته 460 بجلي چورن خلاف ايف آءِ آرز جون درخواستون لاڳاپيل ٿاڻن ۾ داخل ڪيون ويون آهن جن مان 203 ايف آءِ آرز رجسٽرڊ ٿي چڪيون آهنجڏهن ته 21 جوابدارن کي گرفتار به ڪيو ويو آهي. هوڏانهن ملتان اليڪٽرڪ پاور ڪمپني(ميپڪو) ٽيمن ڏکڻ پنجاب ۾ بجلي چورن خلاف جاري آپريشن دوران هڪ ڏينهن ۾ وڌيڪ 140 صارفين کي بجلي چوري ڪندي پڪڙي ورتو آهي. ميپڪو جي ڪمرشل ڊائريڪٽر اسد حماد مطابق 99 ڪيس داخل ڪرايا ويا جنهن کانپوءِ مجموعي داخل ڪيسن جو تعداد 4051 ٿي ويو آهي. ميپڪو ترجمان مطابق بجلي چورن تي هن وقت تائين مجموعي طور تي 30 ڪروڙ 76 لک رپيا ڏنڊ لڳايو ويو اسلام آباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني (آئيسڪو) بجلي چوري خلاف جاري خاص مهم دوران 47 بجلي چورن کي گرفتار ڪري 25 لک رپين کان وڌيڪ جو ڏنڊ لڳايو آهي. هوڏانهن سيالڪوٽ جي ٿاڻي اگوڪي پوليس بجلي چوري ڪندڙ 2 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري انهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.