ڪراچي (م ڊ) پنجاب ۾ جعلي انجيڪيشن جي استعمال سبب ڪيترائي ماڻهو اکين جو نور وڃائي ويٺا آهن، جڏهن ته هاڻ لاهور کانپوءِ قصور، ملتان، جهنگ ۽ صادق آباد ۾ به جعلي انجيڪشن جي استعمال سبب اکيون خراب ٿيڻ جا ڪيس ظاهر ٿيا، لاهور ۾ 12 کان وڌيڪ ماڻهو اکين جو نور وڃائي ويٺا، ٻين علائقن ۾ ڪجهه ماڻهن جون اکيون ضايع ٿي ويون، صحت کاتي جي اختيارين موجب صوبي ۾ مقامي سطح تي تيار ٿيندڙ انجيڪشن ايواسٽن لڳائڻ سبب ماڻهن جون اکيون ضايع ٿي رهيون آهن، رپورٽس موجب لاهور، قصور ۽ جهنگ ضلعن ۾ شوگر جي مريضن کي اک جي پردي جي علاج لاءِ ايواسٽن انجيڪشنز هنيون ويون، اختيارين موجب اهي انجيڪشنز مريضن ۾ شديد انفڪيشن جو سبب بڻيون، پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ چوڌري منظور جو ڀاءُ به اکين جو نور وڃائي ويٺو آهي.