سنڌ ۾ ايواسٽن انجيڪشن جو ڪو به ڪيس سامهون ناهي آيو: سعد خالد

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي صحت، سماجي ڀلائي ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ واري نگران وزير ڊاڪٽر سعد خالد نياز پنجاب ۾ اکين جي  متاثرن سان ٿيل افسوسناڪ واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته الحمدالله سنڌ ۾ هن وقت تائين ايواسٽن انجيڪشن جو ڪو به ڪيس سامهون ناهي آيو. هن چيو ته هن وقت تائين جي ابتدائي ڄاڻ موجب سمورا متاثر ٿيل اکين جي انفيڪشن ۾ مبتلا هئا، جن جي مخصوص برانڊ جي دوا استعمال ڪرڻ سبب متاثر ٿيڻ جو اطلاع آهي، ان ڪري مخصوص برانڊ جي دوا خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته اکين جي علاج جي انجيڪشن جي استعمال ۾ احتياط ڪيو وڃي ۽ عوام کي اپيل ڪئي ته اهي دوا استعمال ڪرڻ کان اڳ پنهنجي مقامي اکين جي ماهرن سان رابطو ڪن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.