اسلام آباد (م ڊ) صحت واري نگران وفاقي وزير نديم جان چيو آهي ته مقامي طور تي تيار ڪيل انجيڪشن جيڪا منطور تي پنجاب ۾ ڪيترن ئي مريضن جي اکين جي نور کي نقصان پهچائڻ جو سبب بڻي آهي، مارڪيٽ مان واپس گهرائي وئي آهي، جڏهن ته سپلائيرز خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، پنجاب جي نگران صحت واري وزير ڊاڪٽر جمال ناصر سان گڏ اسلام آباد ۾ صحت جي وفاقي وزير چيو ته ملتان، قصور، لاهور ۽ صادق آباد مان انجيڪشنز جي حوالي سان رپورٽس وصول ٿيون آهن، هن چيو ته ڊاڪٽر جمال ناصر اسان کي ٻڌايو ته جاچ جاري آهي، 5 رڪني ڪميٽي به جوڙي وئي آهي جيڪا ٽن ڏينهن ۾ رپورٽ پيش ڪندي، جعلي انجيڪشن فراهم ڪندڙ 2 سپلائرز خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي، ان جي شفاف جاچ ٿيندي 7 عوام جي سامهون نتيجا پيش ڪنداسين، هن جو چوڻ هو ته ڊينگي جي صورتحال ڪنٽرول ۾ آهي، متاثرن سان ڀرپور سهڪار ڪنداسين ته جيئن انهن جي نقصان جو ازالو ٿي سگهي، ان معاملي ۾ جنهن کان به غلطي ٿي آهي اسان ان خلاف ڪارروائي ڪنداسين.