عوامي آواز جي رپورٽر تي تشدد خلاف خانپور مهر ۾ احتجاج

خانپور مهر(رپورٽر) پنوعاقل ۾ عوامي آواز جي رپورٽر تي تشدد خلاف خانپورمهر ۾ صحافين جو احتجاج، خانپورمهر ۾ صحافين ميهر مهر،  عظيم سيال، شهزادو لاڙڪ، سائل قاضي ۽ نواب ميراڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي صحافين چيو ته عوامي آواز پنوعاقل جي رپورٽر رستم انڍڙ مٿان حملو ۽ تشدد ڪندڙ جوابدارن کي  پنوعاقل  ٿاڻي جي ايس ايڇ او ياسر کوسو بااثرن جي چوڻ تي آزاد ڪري ڇڏيو آهي پوليس جي اهڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، صحافي مٿان تشدد واقعي ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.