اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) ملڪ جي وڏي ۾ وڏي قبضا گير ملڪ رياض ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي نياڻي اڳوڻي صوبائي وزير علي افضل ساهيءَ جو گهيرو تنگ ٿي رهيو آهي، سندس گرفتاري جا امڪان وڌي ويا آهن. ملڪ رياض پوري ملڪ ۾ سرڪاري زمينن تي قبضا ڪري رهائشي سوسائٽيون تعمير ڪندو رهيو آهي، سنڌ ۾ ته ملير ڊولپمينٽ اٿارٽيءَ جي زمينن تي قبضا ڪري ان آڙ ۾ ڳوٺن جا ڳوٺ ڊاهي پٽ ڪري چڪو آهي، جنهن سبب سپريم ڪورٽ ملڪ رياض تي 460 ارب رپيا ڏنڊ به وڌو هو ۽ سنڌ حڪومت کي قسطن ۾ رقم ڏيڻ جو حڪم ڏنو هو. ملڪ رياض جو ڪمال اهو آهي ته جڏهن به ڪو آفيسر رٽائرڊ ٿيندو آهي ته ان کي وڏي پگهار تي ملازمت ڏئي پاڻ سان جوڙي ڇڏيندو آهي، خاص طور فوج مان جڏهن به ڪو جنرل يا آفيسر رٽائر ٿيندو آهي. ته ان کي پاڻ وٽ وڏي پگهار تي ملازم رکي ڇڏيندو آهي. ان پٺيان منطق اهو هوندو آهي ته آفيسرن جي لاڳاپن جو فائدو وٺي زمينن تي قبضا ڪندو رهندو آهي، ساڳي طرح هر سياسي پارٽيءَ جي سربراهن سان به ملڪ رياض ويجها لاڳاپا قائم ڪري وٺندو آهي جيئن جيڪو به حڪومت ۾ اچي ته سندس ڏانهن ميري اک سان ڏسي نه سگهي، ملڪ رياض جو مشهور قول آهي ته هو پنهنجن فائيلن کي رشوت عيوض ڦيٿا هڻي ڇڏيندو آهي ان ڪري سندس فائيل ڪٿي به نه رڪجندو آهي. ميڊيا ۾ به ملڪ رياض ڪيترائي نامور اينڪر ۽ رپورٽر پگهار تي رکي ڇڏيا آهن، جيڪي مختلف چينلن ۽ اخبارن ۾ ڪم ڪندا آهن پر پگهار ملڪ رياض کان وٺندا آهن. اهو ئي سبب آهي ته نيشنل ميڊيا تي ملڪ رياض جي قبضا گيريءَ جون خبرون ته نه هلنديون آهن پر ملڪ رياض جو نالو به نه ورتو ويندو آهي، وڌ ۾ وڌ ” پراپرٽي ٽائيڪون “ چئي اينڪر اڳتي نڪري ويندو آهن. ڪيترائي ميڊيا مالڪ به ملڪ رياض جا نوازيل آهن، ان ڪري به ملڪ رياض پڪڙ کان آجو رهيو آهي، اسٽيبلشمينٽ ۾ به رٽائرڊ آفيسرن ذريعي سندس تعلقات هوندا آهن، پر لڳي ٿو ته هاڻي واري اسٽيبلشمينٽ ملڪ رياض سان رعايت ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. جنهن جو مطلب اهو آهي ته عروج جو زوال شروع ٿيڻ وڃي رهيو آهي. هوڏانهن لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جو نياڻو علي افضل ساهي به 9 مئي جي واقعن ۾ گهربل هو ڇو ته هو فيصل آباد ۾ حساس اداري جي آفيس تي حملي ۾ ملوث ڄاڻايو ويو هو ۽ گرفتار به ٿيو هو پر وري خبر ناهي ڪهڙي مصلحت تحت آزاد ٿيو هو. هاڻي ان جي گرفتاريءَ لاءِ به قانوني سرگرميون شروع ٿي ويون آهن، محسوس ٿي رهيو آهي ته هاڻي ڪنهن سان به رعايت نه ڪرڻ جو ادارن فيصلو ڪري ورتو آهي. ان ڪري ملڪ رياض هجي يا علي افضل ساهي قانون جي پڪڙ کان ڪير به نه بچندو، پشاور ۾ ملڪ رياض خلاف ڪيس داخل ٿيڻ بعد سندس گرفتاريءَ جا امڪان وڌي ويا اهن، ملڪ رياض جي گرفتاري پاڪستان جي تاريخ جو اهم باب هوندي جنهن کانپوءِ قبضا مافيا، اسمگلنگ ۾ ملوث مافيا ۽ ذخيرا اندوزن جو انت يقيني بڻجي ويندو.