دنيا جي ڌنڌن کان آجا ٿي سوشل ميڊيا جي جهان ۾جهاتي پائي حاضر ٿياسين ته سموري سوشل ميڊيا تي فيروزي ڪلر واري وڳي، شيشن تي ٺهل سنڌي ٽوپي، ۽ ڪُلهن تي اجرڪ ويڙهيل سنڌ جي ڪُک مان جنم وٺندڙ باغي ۽ درويش ڀٽو جون گجگوڙ ڪري گرمائيندڙ ٻن منٽن جي تقرير جون ويڊيوز ٽاپ ٽرينڊ تي هلي رهيون هيون، نيٽ جي اسپيڊ گهٽ هجڻ سبب ويڊيو اوپن نه پيون ٿين ته مجبورن ڪوٺي جي ڇت تي چڙهي ويڊيوز ڏٺم ته مونکي جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو نه مگر ان جي قدبت ۾ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو، شهيد شاهنواز ڀٽو، ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جون يڪ مشت صورتون ۽ طبعيتون نظرپئي آيون، مير مرتضيٰ جهڙي للڪار، شاهنواز جهڙي معصوميت، ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جهڙي دانشمندي سندس رنگ ڍنگ مان جرڪا ڪري پئي، جهٽ گهڙي سانت ۽ خوشي ۾ اچي اڪيلائي ۾ اهي ويڊيوز باربار ڏسڻ بعد سندس ساڃاهه ۽ پرک تي بي انتها خوشي ٿي، اوهان کي ياد هوندو ته سماج جي پيڙيل ۽ لتاڙيل طبقي خواجا سرائن (کدڙن فقيرن) سان يڪجهتي طور نڪتل مُورت مارچ ۾ اسٽيج تان جڏهن جيئي ڀٽو جيئي ڀٽو جا نعرا لڳا ته درويش ڀٽو جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو جي رت ۾ يڪدم ڪرنٽ اچي ويو ۽ ان اتي ئي بيهي داد وصول ڪرڻ بدران مائيڪ وٺي پنهنجو پاڻ اناالحق جا نعرا هڻي دل جون صدائون بلند ڪندو رهيو.
هن جو چوڻ هو ته جيئي ڀٽو کي ڇڏيو، هاڻ جيئي عوام چئو، جيئي عوام، هن وڌيڪ چيو ته منهنجي ڏاڏي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو به جيئي عوام جو نعرو هنيو هو، اسان به ان ئي نعري کي کڻي هلنداسين، مان پنهنجي ڏاڏي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي فلسفي ۽ نظريئي توڙي خاندان جو وارث آهيان ۽ سنڌ جو وارث عوام آھي، سنڌ تي ڀُٽن توڙي ڀُٽي جي نعري جي ڪا به دعوى ناهي، سنڌ تي سنڌ واسين جو حق آھي، سنڌ تي سنڌ جي ماڻهن جو حق آھي، سنڌ جا وارث پيڙيل طبقي وارا آھن سنڌ جا وارث خواجا سراء ۽ سڀئي ڪميونٽيون آھن، هن ان مجموعي ۾ آيل خواجا سرائن توڙي هر مڪتبه فڪر جي ماڻهن کي مخاطب ٿيندي چيو ته الله اوهانکي حياتي ڏي الله اوهانکي سلامت رکي ، سنڌ جا وارث اوهين آهيو، ۽ ايئن ئي مي رقصم ٿي وجد ۾ اچي نعره ئي حيدري جون صدائون بلند ڪري پوئتي هٽي وڃي بيهي رهيو.
ان ويڊيوز جي وائرل ٿيڻ بعد سوشل ميڊيا تي مڪمل طور تي جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو ڇائنجي ويو، هر طرف اهي ويڊيوز ڦرن پيا، ايتريقدر جو ڀٽو صاحب جي نظريئي جا سياسي مخالف توڙي ڪٽر مذهبي ڌرين سان لاڳاپيل سوشل ميڊيا جي صارفين به جونئر ذوالفقار علي ڀٽو جي سچ جي صدا کي ساراهيو ماڻهو مختلف پوسٽون رکي پنهنجي پنهنجي انداز سان تبصرا ڪري رهيا هئا، ڪن پئي لکيو ته جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو اڄ ته ڀٽو جي نالي تي دڪانداري چمڪائيندڙن جي دڪان جو در ئي بند ڪري ڇڏيو آھي، وري ڪن سوشل ميڊيا تي پئي لکيو ته جڏهن ڀٽو خاندان جو اصلي خانداني ۽ سياسي وارث جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو پاڻ ڀٽو جي نعري کي ڇڏي عوام جي نعري جي ڳالهه ڪري رهيو آھي جيئي ڀٽو جي بجاءِ جيئي عوام چئي رهيو آھي ته پوء ڏيهه واسين کي به سوچڻ گهرجي ته اصلي ۽ نسلي ڀٽا جڏهن عوام جي نعري کي اهميت پيا ڏين ته پوءِ ڀٽي جي نعري ۽ نالي تي سياست ڪندڙن جي پويان لڳڻ جي بجاءِ حقيقي عوام ليڊرن جي پويان لڳجي .
ساڳي ئي پروگرام ۾ جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو جڏهن ماڻهن جي هجوم جي وچ ۾ بنا ڪنهن پروٽوڪول ۾ عام ماڻهن وانگر مارچ ۾ شريڪ هو ته شازيه خشڪ جي آواز ۾ جڏهن سنڌ جي صوفي بزرگ حضرت قلندر لعل شهباز جي ڌمال ”لعل موري پت رکيو ڀلا جهولي لعلڻ سنڌڙي دا سيوهڻ دا سخي شهباز قلندر حسيني لعل قلندر مستومست قلند“ وڏن وڏن لائوڊن تي گونجڻ شروع ٿي ته هي باغي درويش ڀٽو به صوفي لاڪوفي تي ڌمال هڻي مي رقصم ٿي جهومي ان ڌمال جي سڏن کي ورنائڻ جون صدائون بلند ڪري رهيو هو، سندس وائرل ٿيل اهڙن ويڊيوز سوشل ميڊيا تي هڪ طوفان کڙو ڪري ڇڏيو جيڪو طوفان تبديلي جا آثار آڻي ئي آڻي،
جونيئر ذوالفقار جڏهن فقيري چولو لاهي ٻن منٽن جي جيڪا للڪار ڪئي يقين ان ئي للڪار جي سنڌ جي حڪمرانن سميت اقتداري ايوانن ۾ ويٺلن جي ڪنن ۾ انقلاب ۽ تبديلي جا طبل وڃائي ڇڏيا. جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو جي اهڙي تقرير بعد مستقبل قريب ۾ ملڪ ۽ خاص ڪري سنڌ جي سياسي منظر نامي ۾ وڏيون تبديليون ٿيندي نظر اچي رهيون آھن توڙي جو جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ جي سياسي ملاکڙي جي راند کان ڪوهين ڏور آھي پر پوءِ به سنڌ واسي کيس ملڪ جي واڳ جو وارث سمجهي منجهس آس ۽ اميد لڳائي ويٺل آهن.