ڍاڪا ( ويب ڊيسڪ ) بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم نيوزيلينڊ خلاف ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻي ميچ ۾ اسپورٽس مين اسپرٽ جو شاندار مظاهرو ڪيو.
ڍاڪا ۾ کيڏيل ٻي ون ڊي ميچ جي 46 اوور دوران بنگلاديشي بالر حسن محمود ڪيوي بيٽر ايس سوڌي کي نان اسٽرائيڪر اينڊ تي منڪڊ آئوٽ ڪيو ۽ ٿرڊ ايمپائر ايش سوڌي کي رن آئوٽ قرار ڏئي ڇڏيو.
Hasan Mahmud and Ish Sodhi🤗
If you were in place of Bangladesh captain Litton Das, would you have called back Sodhi after he was run-out backing up at the non-striker’s end? 🤔 https://t.co/UlniiLNahR #BANvNZ pic.twitter.com/b7QpAbrEo7
— ESPNcricinfo (@ESPNcricinfo) September 23, 2023
بنگلاديشي ڪپتان لٽن داس پويلين ويندڙ ايش سوڌي کي واپس سڏائي ورتو، ان تي ايش سوڌي حسن محمود کي اسپورٽس مين اسپرٽ تي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو.