چونڊون ڪهڙي ڏينهن ٿينديون؟ منظور وساڻ اڳڪٿي ڪري ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ منظور وساڻ عام چونڊون 28 جنوري 2024 ۾ ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
هڪ بيان ۾ منظور وساڻ چيو ته عام چونڊن ۾ پ پ ۽ ن ليگ ۾ سخت مقابلو ٿيندو ۽ سنڌ ۾ پ پ خلاف سمورين جماعتن جو اتحاد ٺهندو.
هن چيو ته سنڌ ۾ پ پ خلاف سموريون جماعتون گڏجي چونڊ وڙهنديون پر پ پ صوبي ۾ ڪلين سوئيپ ڪندي ۽ ٻين صوبن ۾ به پ پ سيٽون کڻندي، جڏهن ته جي ڊي اي جو سنڌ مان خاتمو ٿي چڪو آهي.
سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ جي پوزيشن ڊائون آهي، احتساب مخصوص ماڻهن جو نه سڀني جو ٿيڻ گهرجي.
منظور وساڻ چيو نگران حڪومت کي لڳو ته اها هڪ سال رهندي پر هاڻ چونڊن جو اعلان ٿي چڪو آهي، نگران حڪومت دوران مهانگائي ۾ گهڻي واڌ ٿي آهي، جنهن سبب غريب طبقو پريشان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.