ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اطلاعات کاتي جي نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي عوامي آواز جي رپورٽر تي تشدد واري معاملي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو.
ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپرز ايڊيٽرز (سي پي اين اي) ۾ عوامي آواز پني عاقل جي رپورٽر رستم انڍڙ تي بااثر جي تشدد جو معاملو وفاقي وزير آڏو اٿاريو ويو، جنهن تي مرتضيٰ سولنگي چيو ته هو ان معاملي تي وڏي وزير سان ڳالهائيندو، ڇاڪاڻ ته اهو به جسٽس ئي آهي، ان سان انصاف لاءِ ڳالهايان ٿو.
سندس چوڻ هو ته ڪو وڏيرو ڪيترو به بااثر هجي پر اهو رياست کان سگهارو نه ٿي سگهي، جيڪڏهن رياست مظلوم سان گڏ نه آهي ته پوءِ ان کي رياست چورائڻ جو حق ناهي.
You might also like