سعودي عرب جو قومي ڏهاڙو، رونالڊو مداحن جون دليون کٽي ورتيون، وڊيو ڏسو

رياض ( ويب ڊيسڪ ) سعودي عرب جي قومي ڏڻ جي موقعي تي اسٽار فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو عربن جو روايتي لباس پهري مداحن جي دليون کٽي ورتيون.

سعودي عرب جا شهري اڄ پنهنجو 93 هون قومي ڏهاڙو ملهائي رهيا آهن، ان سلسلي ۾ سوشل ميڊيا تي تصويرون ۽ وڊيوز وائرل ٿي رهيا آهن.

مُلڪ جي قومي ڏڻ جي مناسبت سان سعودي فٽبال ڪلب النصر به اسٽار فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو جي هڪ وڊيو شيئر ڪئي آهي.

النصر طرفان شيئر ڪيل وڊيو ۾ رونالڊو سميت ٻيا فٽبالر موجود آهن، جڏهن ته رونالڊو سميت ٻيا رانديگر عربن جو روايتي لباس پهريو آهي.

وڊيو ۾ رونالڊو کي ٽيم جي سرابراهي ڪندي ڏيکاريو ويو آهي، جنهنڪري هن ڪارو جبو پهريو آهي جڏهن ته ان موقعي تي ساڻس گڏ موجود رانديگرن کي هٿن ۾ تلواريون کنيل آهن.

اِها وڊيو النصر طرفان گذريل ڏينهن شيئر ڪئي وئي جنهن ۾ روايتي رقص پڻ ڪيو ويو .

ڪرسٽيانو رونالڊو جي ان وڊيو کي سندس چاهيندڙ تمام گهڻو پسند ۽ ساراهي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.