ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ هجي يا هالي ووڊ، ڪيتريون ئي اهڙيون فلمون هونديون آهن جيڪي رليز ٿيندي ئي تڪرار جو شڪار بڻجي وينديون آهن. جيڪڏهن ڏکڻ اولهه ايشيا جي ڳالهه ڪئي وڃي ته اتان جي ماڻهن ۾ بالي ووڊ جو رجحان گھڻو آهي. بالي جي تاريخ ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون فلمون سڀ کان وڌيڪ تڪرار جو سبب بڻيون.
1-دي ڪيرالا اسٽوري
تازو ئي رليز ٿيل فلم دي ڪيرالا اسٽوري هيل تائين تڪرار جو سبب بڻيل آهي. فلم ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته ڪيرالا مان هزارين ڇوڪريون گم ٿي وڃن ٿيو جن بعد ۾ دهشتگرد تنظيم داعش کي جوائن ڪيو.
2-ڪشمير فائلز
ان فلم ۾ به هٿ ٺوڪين واقعن کي تاريخ جي حصي طور پيش ڪيو ويو جنهن ۾ مسلمانن کي انتها ۽ تشدد پسند طور ڏيکاريو ويو. فلم ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مسلمانن ڪشميري هندن کي ڪشمير مان بيدخل ڪيو.
3-پٺاڻ
شاهه رخ خان جي مرڪزي ڪردار تي ٻڌل فلم ان وقت تڪرار جو شڪار بڻجي جڏهن انتهاپسند هندن فلم ۾ دپيڪا پڊوڪون جي زعفراني رنگ جي لباس کي هندو مذهب جي مقدس رنگ جي بيحرمتي تصور ڪيو. جنهن تي احتجاج به ٿيا.
4-پدماوت
فلم ۾ دپيڪا پڊوڪون، رنوير سنگهه ۽ شاهد ڪپور مرڪزي ڪردار نڀايا آهن پر فلم ۾ هندستان جي تاريخي شخصيتن جي غلط تصوير ڪشي ڪرڻ تي تڪرار پيدا ٿيو.
5-ڊرٽي پڪچر
ڊرٽي پڪچر پنهنجي فحش پوسٽرن ۽ مواد سبب تڪرار جو شڪار بڻي.
6-اُڙتا پنجاب
ان فلم ۾ شاهد ڪپور مرڪزي ڪردار ادا ڪيو هو. فلم ۾ پنجاب کي غلط روشني ۾ پيش ڪيو ويو آهي ۽ منشيات جي استعمال جي حوصلا افزائي ڪئي وئي آهي.
7-رام ليلا
رام ليلا شهرين جي جذبن کي ڇيهو رسائن تي تڪرار جو سبب بڻي. فلم ۾ جنسي استحصالي، تشدد پسندي ۽ فحاشي شامل هئي.
او ماءِ گاڊ
ان فلم تي ڀارتي سياستدانن طرفان گھڻا اعتراض ڪيا ويا جن جو چوڻ هو ته فلم ۾ هندو مخالف تعصب کي هٿي ڏني وئي آهي.
9-بوم
فلم کي شهوت پرستي ۽ شهوت واري مواد جي تشهير تي تڪرار کي منهن ڏيڻو پيو.
10-مرڊر
ان فلم ۾ به رڳو فحاش مواد کي هٿي ڏني وئي جنهن سبب عوام طرفان ان تي گھڻي تنقيد ڪئي وئي.