عالمي بئنڪ پاڪستان ۾ غربت بابت ڳڻتيءَ جوڳا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا

عالمي بئنڪ انڪشاف ڪيو آهي ته ساڍا 9 ڪروڙ پاڪستاني هن وقت غربت جي زندگي گذاري رهيا آهن.
عالمي بئنڪ پاڪستان جي معاشي حالت تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي حڪومت تي زور ڏنو آهي ته اها پنهنجي مقدس ڳئن ”زراعت ۽ ريئل اسٽيٽ“ تي ٽيڪس لڳائڻ لاءِ فوري طور قدم کڻي ۽ معاشي استحڪام لاءِ جي ڊي پي جي 7 سيڪڙو برابر مالياتي ايڊجسٽمينٽ ڪندي پنهنجا خرچ گهٽ ڪري.
عالمي بئنڪ انڪشاف ڪيو ته پاڪستان ۾ گذريل مالي سال غربت وڌي 39.4 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي، خراب معاشي حالتن سبب وڌيڪ سوا ڪروڙ ماڻهو غربت جي ڄار ۾ ڦاسي پيا آهن، تقريبن ساڍا 9 ڪروڙ پاڪستاني هن وقت غربت جي زندگي گذاري رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.