فائيو جي ٽيڪنالوجي جي شروعات، پاڪستانين لاءِ وڏي خوشخبري اچي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) انفارميشن ٽيڪنالوجي (آءِ ٽي) واري وزارت ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن فائيو جي کي جاري ڪرڻ جي شروعات ڪري ڇڏي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته نگران آءِ ٽيواري وزير ڊاڪٽر عمر سيف فائيو جي جي جاري ٿيڻ بابت پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) ۽ لاڳاپيل آفيسرن کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.
آءِ ٽي وزارت جي ذريعن موجب فائيو جي، جي نيلامي سان حڪومت کي ڪروڙين ڊالرز ملي سگھن ٿا، اسپيڪٽرم جي نيلامي 10 مهينا بعد ٿيڻ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب پاڪستان جون موبائل ڪمپنيون هن وقت 367 ميگا هرٽز جي ويجهو اسپيڪٽرم استعمال ڪري رهيون آهن جڏهن ته ريفارمنگ سان دستياب اسپيڪٽرم جي نيلامي سان اهو ڪاٿو 600 ميگا هرڊز کان وڌيڪ ٿي ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اسپيڪٽرم نيلامي سان واهپيدارن جي نيٽورڪ بابت شڪايتون جو به فوري ازالو ٿي ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.