ڀارت جي ٽال مٽول، پاڪستان جي پريشاني وڌي وئي

ڀارت ۾ شيڊيول آءِ سي سي ون ڊي ورلڊ ڪپ لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ويزائن وارو معاملو رولڙي جو شڪار ٿي ويو آهي.

ذريعن موجب، ڀارتي گهرو کاتي طرفان اڃا تائين پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي ويزائن لاءِ اين او سي جاري ناهي ٿي.

اين او سي نه ملڻ سبب پاڪستان اسڪواڊ جون ويزائون دير جو شڪار آهن، پنجويهه رُڪني اسڪواڊ جا ڪاغذ ٻه هفتا پهرين موڪليا ويا هئا، پر اسلام آباد ۾ڀارتي هاءِ ڪميشن کي ويزائون جاري ڪرن لاءِ اين او سي گهربل آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته قومي ڪرڪيٽرن جا پاسپورٽ ايشيا ڪپ سبب وطن واپسي تي جمع ڪرايا ويا هئا.

ذريعن موجب، پاڪستان واحد ٽيم آهي جنهن کي اڃا تائين ڀارتي ويزائون جاري ناهن ٿيون.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پي سي بي ڏس ۾ آءِ سي سي سان به رابطو ڪيو هو جنهن تي جواب مليو ته ويزائن تي ڪم جاري آهي جلد جاري ٿينديون.

ذريعن موجب، قومي اسڪواڊ ابتدائي پلان تحت دبئي رستي، ڀارت وڃڻو هو، ويزائن ۾ دير سبب هاڻي اسڪواڊ 26 سپٽيمبر تي ڀارت پهچندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.