آءِ ايم ايف غريبن کي رليف ڏيڻ لاءِ پاڪستان کي پابند ڪندو ؟

عالمي مالياتي اداري جي سربراھ خاتون پاڪستان تي زور ڀريو آھي تھ اھو اميرن کان وڌيڪ ٽيڪس اوڳاڙي ۽ غريبن کي مھانگائي کان تحفظ ڏئي. اھا ڳالھھ تازو پاڪستان جي ميڊيا جي زينت بڻي آھي.جنھن تي پھرين ردعمل طور ملڪ جي غريب ماڻھن کي خوش ٿيڻ گھرجي.پر ڇا اھو سڀ ممڪن بھ آھي ؟

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ويل آھي.جتي ھن جي انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا سان ملاقات ٿي آھي.اربع ڏينهن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي نگران وزيراعظم انورالحق ڪاڪڙ سان ملاقات کانپوءِ خانگي نيوز چينل سان ڳالهائيندي ڪرسٽالينا جارجيوا جو چوڻ ھو تھ، کيس يقين آهي ته اهو ان جي مطابق آهي، جيڪو پاڪستان جو عوام ملڪ جي لاءِ ڏسڻ چاهي ٿو.هن چيو ته اسان پنهنجي پروگرام ۾ جيڪو ڪجهه چئي رهيا آهيون سو اھو ئي آھي تھ، مهرباني ڪري اميرن کان وڌيڪ ٽيڪس گڏ ڪريو ۽ غريب عوام کي تحفظ ڏيو.

عالمي اداري جي سربراھ سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ايڪس (اڳوڻي ٽوئيٽر) تي جاري ڪيل بيان ۾ جاري ڪيو،جنھن ۾ ھن جو چوڻ ھو تھ،  هن پاڪستاني وزيراعظم سان ملاقات ۾ ملڪ جي معاشي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

هن وڌيڪ چيو ته اسان استحڪام کي يقيني بڻائڻ، پائيدار ۽ جامع ترقي کي فروغ ڏيڻ، ٽيڪس گڏ ڪرڻ کي اوليت ڏيڻ ۽ پاڪستان ۾ معاشي طور ڪمزور ماڻهن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ مضبوط پاليسين جي ضرورت تي اتفاق ڪيو آھي.

ٻئي طرف ملڪ جي معاشي صورتحال جو اندازو ان مان لڳايو تھ ،آگسٽ مهيني ۾ سالياني مهانگائي 27.4 سيڪڙو ٿي وئي آهي. جنهن سبب عوام جي گهريلو بجيٽ جو توازن ختم ٿي ويو آهي. هلندڙ مهيني بجلي جي بلند بلن خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا هئا.حڪومت شروع ۾ عوام کي ڪجهه رليف ڏيڻ جو واعدو ڪيو پر بعد ۾ پاڪستان جي آءِ ايم ايف سان معاهدن جو حوالو ڏيندي رليف جي امڪان کي رد ڪري ڇڏيو

نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ به ملاقات بابت جاري ڪيل پوسٽ ۾ چيو ته هن آءِ ايم ايف جي ڊائريڪٽر سان تعميري ڳالهه ٻولهه ڪئي.

معاشي معاملن جي ماھرن جو خيال آھي تھ اھي رسمي ڳالھيون آھن.عالمي ادارو جيڪو  چئي ٿو ان لاءِ ايڏو  زور ڀرڻ لاءِ تيار نھ آھي.باقي ملڪ جي اندر پاليسين تي حڪومتون  اثر انداز ٿينديون آھن.

جيڪڏھن عالمي اداري ملڪ ۾ ٽيڪس جي اوڳاڙي کي وڌائڻ تي زور ڏئي ٿو تھ اھو قرض ڏيڻ بعد رڳو اوڳاڙي کي بھتر ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪري ٿو.ان جو اھو ھدف ناھي ھوندو تھ اھي پئسا غريب کان اوڳاڙجن يا وري اميرن کان اوڳاڙجن.

انڪري سنڌي چوڻي موجب ”ھاٿي جا ڏند کائڻ جي ھڪڙا ۽ ڏيکارڻ جي ٻيا ھوندا آھن“ڀلا جيڪڏھن عالمي ادارو ايتريو ئي سنجيدھ آھي تھ پوءَ اميرن تي لاڳو ٽيڪسن جي صورت ۾ حڪومت جوقرض روڪڻ جي ڳالھھ ڪري سگھي ٿو ؟

آءِ ايم ايف دنيا جي امير ملڪن جو ھڪ ادارو آھي جنھن جو ڪم قرض ڏئي انھن ملڪن جي ملڪيت ميڙڻ آھي، ان اداري کي فقط اھا پريشاني ٿي سگھي ٿي تھ ان غريبن تي ٽيڪس لڳائڻ جي ڪري ملڪ جو ڪٿي ڏيوالو نھ نڪري وڃي، ڇاڪاڻ جو ان صورت ۾ انھن جي رقم ٻڏڻ جو خطرو پئدا ٿي وڃي ٿو.

عالمي ادارو ٻيا تھ سمورا شرط حڪومت کان مڃرائي ٿو وڃي باقي غريبن کان ٽيڪس گھٽ وصول ڪرڻ جي لاءِ رڳو مشورو ڏئي ٿو، پر ان معاملي تي ڪنھن بھ سطح تي ڪا سختي نٿو ڪري.ڇا ان اداري کي اھا خبر ناھي تھ ملڪ جي 80 سيڪڙو بجيٽ سڌي يا اڻسڌي ريت دفاع تي خرچ ٿي رھي آھي.آءِ ايم ايف وٽ اھي بھ انگ اکر ھوندي تھ ملڪ جي ماڻھن جي صحت ۽ تعليم جي لاءِ ڪيتري بجيٽ رکيل آھي،ھاڻوڪي بجيٽ پلان بابت سختي ڪرڻ بعد اھو سڀ ڪجهھ عالمي اداري کي ٻڌايو ويو ھو ۽ ان بابت اعتماد ۾ روتو ويو ھو، انڪري ملڪ جي ماڻھن کي ان تي ڀلي ٿوري دير جي لاءِ خوش ٿيڻ گھرجي پر ان جو حقيقت سان گھٽ تعلق آھي.انڪري ان جو ڪو وڏو نتيجو ناھي نڪرڻو.

  •  ٻھراڙين ۾مليريا کي روڪڻ لاءِ جوڳا قدم کڻڻ گھرجن.

سنڌ ۾ مليريا جي ڪيسن ۾ مسلسل اضافو ٿي رھيو آهي. صوبي ۾ هڪ ئي ڏينهن ۾ 3 هزار 7 سئو 91 ڪيس رپورٽ ٿيا. ساڳي وقت سنڌ ۾ ڊينگي جي مريضن ۾ اضافو ڏسڻ ۾ اچي رهيو  آهي. حيدرآباد ڊويزن ۾ هڪ ڏينهن دوران سڀ کان وڌيڪ 1777 مريض رپورٽ ٿيا.

مليريا ۾ لاڙڪاڻو ڊويزن ٻئي نمبر تي رھي، 1500 ماڻهن ۾ وائرس جي تصديق ٿي آهي. ڪراچي ۾ مليريا تي ضابطو اچي ويو آهي جتي 21 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. سيپٽمبر مهيني ۾ ڪراچي ۾ ڊينگي جا 218 ڪيس رپورٽ ٿيا.

سنڌ ۾ هلندڙ مهيني ڊينگي جا 268 ڪيس سامهون آيا آهن، ھن سال ڪراچي مان ڊينگي جا 999 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.سنڌ ۾ وڌندڙ مليريا ۽ ڊينگي جي لاءِ صحت کاتي کي جوڳي حڪمت عملي جوڙي ھن خطرناڪ بيماري مان غريب ماڻھن کي آجو ڪيو وڃي.نگران حڪومت ھن کان اڳ اھومليريا کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڳالھھ تھ ڪئي ھئي پر ان تي مڪمل عمل نھ ٿيڻ جي ڪري اھي ڪيس وڌي ويا آھن.ٻن مھينن کان صوبي ۾ مينھوڳي جي موسم رھي ۽ ان دوران برساتن پوڻ ۽ پاڻي دٻن ۾ جمع ٿيڻ بعد مڇرن جي واڌ ويجھه کي روڪڻ جي لاءِ سنڌ جي ڪنھن علائقي ۾ڪو اثر ڀريو اسپري نھ ڪيو ويو.ٻئي پاسي سموري صوبي جي اسپتالن مان اھا بھ شڪايت ملندي رھي ٿي تھ اتي مليريا جي ٽيسٽن لاءِ گھربل سامان ايندڙ مريضن جي مقابلي ۾ گھٽ ملي ٿو.جنھن ۾ دوائون بھ شامل آھن، نگران صوبائي حڪومت ۽ صحت کاتي کي اپيل آھي تھ ھن اھم مسئلي ڏانھن گھربل ڌيان ڏئي عوام کي رليف فراھم ڪيو وڃي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.