نوشهروفيروز،گندي پاڻي ۾ بيهي بلاول جي سالگرهه ملهائي وئي

نوشهروفيروز (م ڊ) نوشھرو فيروز ۾ پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو جي سالگرھ جو ڪيڪ گندي پاڻي ۾ بيهي ڪاٽيو ويو، وڊيو وائرل ٿي وئي،  شهرين پاران گندي پاڻي ۾ بيهي ڪيڪ ڪاٽي هڪٻئي کي ڪيڪ کارايو ويو، وڊيو ۾ شهرين چيو ته عوام کان شھيدن جي نالي تي ووٽ وٺڻ کي ترجيح ڏيڻ بدران پنھنجي ڪارڪردگي ڏيکاري وڃي،  عوام جي تڪليفن ۾ گھٽتائي آڻيو ھا ته گٽرن مٿان ڪيڪ نه ڪٽجن ها، سوشل ورڪر ماهنور شيخ پنهنجي فيس بوڪ وال تي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته نوشهروفيروز ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي سالگرهه هن طرح ملهائي وئي، شهري چون ٿا ته پيپلز پارٽي شھيدن جي پارٽي آهي ۽ شھادت جي قرباني گٽر جي پاڻيءَ ۾ رھڻ جي قربانيءَ کان وڌيڪ آھي، هنن چيو ته سڄي شھر جو عوام ڀلي گٽر جي پاڻيءَ ۾ ٻڏي مري تڏھن به ڀٽن جي شھادت جو قرض نه ٿو لاھي سگھجي، عوام پاران ذليل خوار ٿيڻ لاءِ ايندڙ اليڪشن ۾ پڻ پيپلز پارٽيءَ سان وفاداريءَ جو وچن ورجايو ويو ، جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري جي گندي پاڻي ۾ بيهي سالگرهه ملهائڻ واري وڊيو پڻ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، جنهن تي مختلف تبصرا ٿي رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.