فريال ٽالپر جي رهائش گاهه تي بلاول ڀٽو جي سالگرهه جي تقريب

ڪراچي(رپورٽر) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي سالگرهه جي تقريب پيپلز پارٽي ليڊيز ونگ جي صدر فريال ٽالپر جي رهائشگاهه تي ٿي.تقريب ۾ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي 35هين سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو.تقريب ۾ پ پ اڳواڻن شرجيل انعام ميمڻ ،سيد ناصر حسين شاھ،سهيل انور سيال، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، سعيد غني، نديم ڀٽو ۽ ٻين شرڪت ڪئي،فريال ٽالپر چيوته اسان جو چيئرمين سمورن هم عصر سياسي اڳواڻن مان سڀ کان ننڍي عمر جو آهي، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان جي ننڍي عمر واري پرڏيهي وزير جي حيثيت سان تمام گهٽ وقت ۾ جيڪو ڪجهه حاصل ڪيو اهو ملڪ کي سفارتي اڪيلائي مان ڪڍڻ ۽ مثبت اميج جو نئين سر تصور ڪرڻ تي ڪيترن ئي ڏهاڪن ۾ ٻيا پرڏيهي وزير نه ڪري سگهيا،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.