چئن سالن کان التوا هيٺ فيض آباد ڌرڻو ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد(م ڊ) چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ 28 سيپٽمبر تي چئن سالن کان التوا ۾ پيل فيض آباد ڌرڻي جي نظرثاني ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ 3 رڪني بينچ مقرر ڪري ڇڏي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي  سربراهي ۾ بينچ ۾ جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس امين الدين خان شامل آهن. واضح رهي ته سپريم ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ نومبر 2019 ۾ انتهائي ساڄي ڌر جي مذهبي جماعت تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي ڌرڻي خلاف هڪ سو موٽو ڪيس جو فيصلو نومبر 2017 ۾ ڏنو هو. فيض آباد ۽ حڪومت کي حڪم ڏنو ته هو اهڙن فوجي اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪري جن حلف جي ڀڃڪڙي ڪندي سياسي سرگرمين ۾ حصو ورتو. جڏهن ته اڳوڻي حڪمران جماعت پاڪستان تحريڪ انصاف، ايم ڪيو ايم، شيخ رشيد ۽ انٽيليجنس بيورو به عدالتي فيصلي خلاف نظرثاني اپيلون داخل ڪيون هيون. اپيل 4 سالن کان التوا ۾ هئي ۽ ان دوران اڳوڻي چيف جسٽس آصف سعيد کوسا، اڳوڻي چيف جسٽس گلزار احمد ۽ اڳوڻي چيف جسٽس عمر عطا بنديال ان کي ٻڌڻي لاءِ مقرر نه ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.