اليڪشن ڪميشن مُلڪ ۾ عام چونڊن جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن پاران جنوري 2024ع جي آخري هفتي ۾ عام چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته تڪبندين واري ڪم جو جائزو وٺي فيصلو ڪيو ويو، تڪبندين جي ابتدائي فهرست 27 سپٽيمبر تي شايع ڪئي ويندي.

الیکشن کمیشن کی پریس ریلیز

پڌرائي موجب، تڪبندين تي اعتراض ۽ تجويزن جي ٻڌڻي کانپوءِ ٽيهه نومبر تي حتمي فهرست جاري ڪئي ويندي.

پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته حتمي فهرست شايع ٿيڻ جي 54 ڏينهن کانپوءِ جنوري جي آخري هفتي ۾ عام چوندون ڪرايون وينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.