ڀارت ۾ ڪينيڊين ڪميشن جي سفيرن ۽ اسٽاف کي ڌمڪيون ملڻ لڳيون!

نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ ڪينيڊين هاءِ ڪميشن جي سفيرن کي سوشل ميڊيا تي ڌمڪيون ڏنيون ويون آهن.

پرڏيهي خابرو اداري موجب، ڀارت ۾ ڪينيڊين هاءِ ڪيمشن انڪشاف ڪيو ته سندس سفيرن کي سوشل ميڊيا تي ڌمڪيون ملي رهيون آهن جنهن کانپوءِ هاءِ ڪميشن ۾ موجود اسٽاف کي عارضي طور ڪنهن ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ڪينڊين هاءِ ڪميشن جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ويزا معطلي ۽ اسٽاف کي ملندڙ ڌمڪين تي ڀارت طرفان ڪو ردعمل يا بيان جاري ناهي ڪيو ويو.

پرڏيهي خابرو اداري موجب، ڪينيڊين هاءِ ڪميشن طرفان اِهو بيان ان فيصلي جي ڪجهه ڪلاڪن بعد جاري ڪيو ويو جنهن ۾ ڀارت ڪينيڊين شهرن لاءِ ويزا معطلي جو فيصلو ڪيو آهي.

واضح رهي ته ڀارت ۽ ڪينيڊين شهرين لاءِ ويزا سروس به ٻيو حڪم اچڻ تائين معطل ڪري ڇڏي آهي ۽ ڀارت اِهو فيصلو ڪينيڊين حڪومت طرفان خالصتان تحريڪ جي اڳواڻ هرديپ سنگهه جي قتل جي الزام کانپوءِ ڪيو آهي جنهن ۾ ڪينيڊين سرڪار چيو آهي ته وٽن هرديپ سنگهه جي قتل ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ جا ناقابل ترديد ثبوت آهن.

ڀارت ۽ ڪئناڊا وچ ۾ ان معاملي تي سفارتي ڇڪتاڻ ۾ لڳاتار اضافو ٿي رهيو آهي ۽ ٻنهي مُلڪن جا سفير به مُلڪ ڇڏي چڪا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.