موبائيل تي ايمرجنسي الرٽ ڇو اچڻ لڳا؟

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڪيترن ئي واهپيدارن کي ايمرجنسي الرٽ ۽ تيز بيپ جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي ۽ سڀ ڇرڪجي ويا ته اهو سڀ ڇا آهي.

اهو اصل ۾ هڪ ٽيسٽ پيغام آهي جنهن کي ڀارتي سرڪار ٽيلي ڪميونيڪيشن کاتي ذريعي واهپيدار کي موڪليو آهي.

سڌي ريت هن پيغام کي نظرانداز ڪريو ڇو ته اوهان کي ڪنهن به ڪارروائي جي ضرورت نه آهي.

اهو پيغام نيشنل ڊزاستر مئنيجمينٽ اٿارٽي ذريعي لاڳو ڪيل پين انڊيا ايمرجنسي الرٽ سسٽم جي جاچ لاءِ موڪليو ويو هو.

ان جو مقصد عوامي تحفظ کي وڌائڻ ۽ هنگامي حالتن دوران الرٽ فراهم ڪرڻ آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.