ڪراچي ( ويب ڊيسڪ )پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر شاهين آفريدي ۽ اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي جي نياڻي انشاءَ جي شادي جي تقريب اڄ ٿيندي.
شاهين ۽ انشاءَ جي مهندي جي تقريب شاهد آفريدي جي ڪراچيءَ واري گهر ۾ ٿي گذري جنهن ۾ شاهين ۽ سندس گهرڀاتين، ٻنهي خاندانن جي مٽن مائٽن ۽ ويجهن دوستن شرڪت ڪئي.
سوشل ميڊيا تي شاهين ۽ انشاءَ جي مهندي جون تصويرون ۽ وڊيوز سامهون آيا آهن، وائرل تصويرن ۾ ناٺي ۽ سهرو گڏ ماني کائيندي نظر اچي رهيا آهن.
هڪ وڊيو ميڪ اپ آرٽسٽ فرقان طرفان به شيئر ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ڪنوار کي ڏيکاريو ويو آهي، پر ان ڳالهه جي تصديق ناهي ٿي سگهي ته اِها تصوير انشاءَ جي آهي يا اقصيٰ جي.
View this post on Instagram
شاهين آفريدي ۽ انشاءَ آفريدي جو هلندڙ سال فيبروري جي شروعات ۾ ڪراچي ۾ نڪاح ٿيو هو جنهن ۾ مشهور ڪرڪيٽرز سميت ويجهن مٽن مائٽن شرڪت ڪئي هئي.
ڪجهه مهينا اڳ شاهد آفريدي جو چوڻ هو ته سندس نياڻي انشاءَ ۽ قومي ڪرڪيٽر شاهين آفريدي جي شادي ايشيا ڪپ سبب فلحال ملتوي ڪرڻي پوندي.
پاڪستان ۽ سريلنڪا ۾ کيڏيل ايشيا ڪپ 17 سپٽيمبر تي ڀارت جي ڪاميابي سان پڄاڻي ٿي پهتو جنهن کانپوءِ شاهين ۽ انشاءَ جي شادي جي تاريخ 19 سپٽيمبر سامهون آئي هئي.
ذريعن موجب، شاهين ۽ انشاءَ جي شادي جي تقريب اڄ اسلام آباد ۾ ٿيندي جڏهن ته 21 سپٽيمبر تي وليمو ٿيندو.