ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم جي جاءِ تي فاسٽ بالر شاهين آفريدي کي ڪپتان بڻائڻ بابت خبرن تي سندس سهري شاهد آفريدي سخت ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.
ويجهڙائي ۾ نجي ٽي وي جو حوالو ڏيندي سوشل ميڊيا تي خبر سامهون آئي هئي ته شاهد آفريدي چيو ته شاهين آفريدي، بابر اعظم کان بهتر انداز ۾ پاڪستان ٽيم جي قيادت ڪري سگهي ٿو، لاهور قلندرز جي ٽيم شاهين شاهه جي ڪپتاني ۾ لڳاتار ٻه ڀيرا پي ايس ايل چيمپيئن بڻي.
اڳوڻي ڪپتان نجي ميڊيا ڳالهائيندي پاڻ سان منسوب بيان جي سختي سان ترديد ڪئي ۽ چيو ته اڄڪلهه هڪ ئي چئنل تي ويهي ڳالهائيندو آهيان، مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته ماڻهو مون بابت پنهنجي طرفان هٿ ٺوڪيون ڳالهيون ڇو گهڙي رهيا آهن؟ .
شاهد آفريدي وڌيڪ چيو ته مان ته اِهو واحد شخص آهيان جيڪو شاهين کي ڪپتاني جي جهنجهٽ کان پري رکڻ چاهيان ٿو.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن اطلاع سامهون آيا هئا ته قومي ٽيم جي اهم ترين رانديگر ۽ فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي کي شاداب خان جي جاءِ تي نائب ڪپتان بڻائڻ جو چٽو امڪان آهي.