اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) آءِ ايم ايف پيٽروليم شين اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ کنيل قدمن تي رپورٽ طلب ڪري ورتو آهي.
پڌرائي موجب، آءِ ايم ايف هڪ لک ويهه هزار ٽن پيٽروليم شين جي ماهوار اسمگلنگ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي آءِ ايم ايف پيٽروليم شين جي اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ کنيل قدمن تي ناڻي واري وزارت ۽ ايف بي آر کان رپورٽ طلب ڪئي آهي.
پڌرائي موجب، آءِ ايم ايف سرحد تي ڪسٽم، ايجنسي اهلڪار، فورسز جو انگ وڌائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پيٽروليم شين جي اسمگلنگ سان ڪسٽم ۽ ليوي جي مد ۾ ڏهه ارب کان وڌيڪ جو نقصان ٿي رهيو آهي انڪري آءِ ايم ايف خدشو ظاهر ڪيو آهي ته پيٽروليم شين جي اسمگلنگ وڌڻ سان درآمدي بل ۾ گهٽتائي سان ريونيو شارٽ فال ٿيندو.
آءِ ايم ايف مطالبو ڪيو آهي ته ماهوار 143 ملين ليٽر پيٽروليم شين جي اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ جوڳا قدم کنيا وڃن.
ان کانسواءِ آءِ ايم ايف ايف بي آر کي ريونيو واڌائڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي