ڪئناڊا ۽ ڀارت جو هڪٻئي جي سفيرن کي مُلڪ ڇڏڻ جو حڪم

نئين دهلي/اوٽاوا (ويب ڊيسڪ) ڪئناڊا جي سک اڳواڻ هرديپ سنگهه نجر جي قتل ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي.

ڪينيڊين وزيرِ اعظم جسٽن ٽروڊو جو چوڻ آهي ته مُلڪي ڳجهن ادارن هرديپ جي موت ۽ ڀارتي حڪومت وچ ۾ تعلق جي نشاندهي ڪئي آهي.

هن چيو ته اِهو معاملو جي ٽوئنٽي اجلاس ۾ ڀارتي وزيرِ اعظم نريندر مودي جي آڏو به اُٿاريو هو، ڪينيڊين سرزمين تي شهري جي قتل ۾ پرڏيهي حڪومت جو ملوث هجڻ اسان جي خودمختياري جي خلاف آهي.

ان بيان جي جواب ۾ اڱاري ڏينهن ڀارتي پرڏيهي وزير ايس جئه شنڪر چيو ته اسان ڪئناڊا جي وزيراعظم ۽ سندس پرڏيهي وزير جا بيان رد ڪيون ٿا.

ايس جئه شنڪر چيو ته ڪئناڊا ۾ تشدد جي ڪنهن به ڪارروائي ۾ ڀارتي سرڪار جي ملوث هجڻ جو الزام کِل جوڳو آهي، اهڙي قسم جا الزام ڪينيڊين وزيراعظم اسان جي وزيراعظم تي مڙهيا هئا جيڪي مڪمل طور تي رد ڪيا ويا هئا.

ڀارتي پرڏيهي وزير پنهنجي بيان ۾ چيو ته ”ڀارت هڪ جهموري مُلڪ آهي جتي قانون جي حڪمراني آهي ۽ اهڙي قسم جا بي بنياد الزام خالصتاني دهشتگردن ۽ انتها پسندن تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا جيڪي ڪئناڊا ۾ پناهگير آهن ۽ ڀارت جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت کي مسلسل نشانو بڻائي رهيا آهن“.

ڀارت جو اِهو به چوڻ هو ته ان معاملي تي ڪينيڊين حڪومت طرفان جوڳا قدم نه کڻڻ اسان لاءِ ڊگهي عرصي کان ڳڻتي جو سبب بڻيل آهي.

ٻئي پاسي ڀارت ۽ ڪينيڊين حڪومت جا لاڳاپا وڌيڪ بگڙي ويا آهن، ڪئناڊا ڀارتي سفير کي مُلڪ ڇڏڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو آهي جڏهن ته ڪئناڊا ۾ ڀارتي ڳجهي اداري را جي سربراهه کي مُلڪ نيڪالي ڏني وئي آهي.

هوڏانهن ڀارت به ڪينيڊين وزيرِ اعظم طرفان خالصتان تحريڪ جي حامي سک اڳواڻ جي قتل واري واقعي ۾ ملوث هجڻ جو الزام رد ڪندي مُلڪ ۾ ڪئناڊا جي هڪ سينيئر سفارتڪار کي مُلڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

ياد رهي ته خالصتان تحريڪ جي حامي سک اڳواڻ هرديپ سنگهه نجر کي ڪئناڊا ۾ 18 جون تي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو هو، سندس قتل خلاف سکن طرفان لنڊن سميت مختلف مُلڪن احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.