ڪراچي سميت مختلف ضلعن ۾ برسات جي اڳڪٿي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ اڄ شام کان گجگوڙ ۽ کنوڻ سان هلڪي برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو ويو آهي.

چيف ميٽرولوجسٽ سردار سرفراز موجب، هوا جو گهٽ دٻاءُ جو هڪ سسٽم سنڌ تي اثر انداز ٿيڻ وارو آهي، هن وقت هوا جو گهٽ دٻاءُ راجسٿان ۽ اوڀر سنڌ ۾ موجود آهي جنهن سبب ڏکڻ اوڀر سنڌ ۾ اڄ کان ويهه سپٽيمبر تائين گجگوڙ ۽ کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي.

چيف ميٽرولوجسٽ جو چوڻ آهي ته سسٽم جي اثر هيٺ ڪراچي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ اڄ شام يا رات ۾ گجگوڙ ۽ کنوڻ سان هلڪي برسات جو امڪان آهي جڏهن ته شهر جي گهڻي قدر هنڌن تي سڀاڻي برسات جا وڌيڪ امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.